ارشاد رانجهاڻي قتل ڪيس جو مک جوابدار رحيم شاهه آزاد

آڪٽوبر 27, 2023

ڪراچي (رپورٽ :  نظير ميمڻ ) ملير ۾ بيدردي سان قتل ٿيل ارشاد رانجهاڻي ڪيس جو چئن سالن کانپوءِ فيصلو، مک جوابدار رحيم شاهه کي 6 سال قيد ۽ هڪ لک ڏنڊ

ڪالهه دھشتگردي ٽوڙ عدالت جي جج صدف مدثر شهيد ارشاد رانجھاڻي قتل ڪيس جو محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌائي ڇڏيو، عدالت مک جوابدار رحيم شاھ کي 6 سال قيد ۽ ھڪ لک رپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائيندي ٻين 2 جوابدارن کي ڏوهه ثابت نه ٿيڻ تي بري ڪري ڇڏيو

ڪيس جو مک جوابدار رحيم شاھه  هن وقت عدالتي ريمانڊ تي جيل ۾ آھي، جڏهن ته ڪيس ۾ نامزد ڊي ايس پي شوڪت شاھاڻي ۽ سب انسپيڪٽر عامر رياض ضمانت تي آزاد ٿيل ۽ 2 جوابدار پوليس اهلڪار مفرور آهن، جن خلاف دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ قتل جو ڪيس هلندو رهندو

شاھ لطيف ٿاڻي تي 6 فيبروري 2019ع تي واقعي جو ڪيس داخل ڪيو ويو ھو، جنهن ۾ دھشتگردي جا قلم شامل ڪيا ويا هئا، واضح رهي ته دھشتگردي ٽوڙ عدالت دليل مڪمل ٿيڻ بعد 26 آگسٽ 2023 تي فيصلو محفوظ ڪيو ھو، جيڪو 3 دفعا ملتوي ڪيو ويو، پوليس موجب رحيم شاھ فيبروري 2019ع ۾ شاهه لطيف ٽائون ۾ فائرنگ ڪري ارشاد رانجھاڻي کي قتل ڪيو هو. هوڏانهن ارشاد رانجهاڻي جي وڪيل محمد خان شيخ  ٻڌايو ته رحيم شاهه جي پوڻا 5 سال ڪاٽيل قيد ۽ معافين کي گڏائي سندس 6 سال قيد کي ختم ڪري ڪراچي سينٽرل جيل مان آزاد ڪيو ويو آهي

لاڳاپيل پوسٽون

  • ايران-اسرائيل جنگ، عالمي صف بندي تيز ٿي وئي ، ڪير ڪنهن سان گڏ بيٺو آهي؟

  • ايران جو اسرائيل تي ڏهون وڏو حملو

  • ايران جو صبح سوير اسرائيل تي وڏو حملو ، 100 کان وڌيڪ ميزائل فائر، 14 اسرائيلي مارجي ويا ۽ 380 زخمي ٿيا

  • ساڍا 4 سئو پاڪستاني وطن واپس