اسلام آباد (م ڊ) ڪينيا ۾ مارجي ويل صحافي ارشد شريف جي امڙ سندس قتل ڪيس ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان ۽ ٻين کي جاچ ۾ شامل ڪرڻ جي درخواست داخل ڪرائي ڇڏي آهي.
ارشد شريف جي امڙ سپريم ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪرائيندي موقف اختيار ڪيو آهي ته پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان، پي ٽي آءِ جي اڳوڻي اڳواڻ فيصل واوڊا، صحافي ۽ يوٽيوبر عمران رياض، پي ٽي آءِ اڳواڻ ۽ اڳوڻي وفاقي وزير مراد سعيد ۽ ٻين کي جاچ ۾ شامل ڪيو وڃي،
ارشد شريف جي امڙ چيو ته ڄاڻايل ماڻهن کان ارشد شريف قتل ڪيس بابت ثبوت ورتا وڃن. ڇاڪاڻ جو انهن قتل بابت ثبوت هجڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. هن اپيل ڪئي آهي ته ارشد شريف ڪيس جي فيڪٽ فائنڊنگز ڪميٽي جي رپورٽ به ڏني وڃي.