| ارشد شريف ڪيس ۾ 2 جوابدار نامزد: انٽرپول سان رابطو: جاچ سست آهي: آئيني عدالت |
اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وفاقي آئيني عدالت ۾ ارشد شريف قتل ڪيس آخري مرحلن ۾ داخل ٿي ويو، جسٽس عامر فاروق مناسب حڪم جاري ڪرڻ جو اشارو ڏئي ڇڏيو. ايڊيشل اٽارني جنرل ٻڌايو ته جي آءِ ٽي رپورٽ جمع ڪرائي وئي آهي، ٻه جوابدار نامزد آهن، انٽرپول کي خط لکيو ويو آهي ۽ ڪينيا جي تعاون سان وڌيڪ جاچ جاري آهي. وفاقي آئيني عدالت ۾ ارشد شريف قتل ڪيس جي ٻڌڻي جسٽس عامر فاروق جي سربراهي ۾ ٻه رڪني بينچ ڪئي. عدالت مناسب حڪم جاري ڪرڻ جو اشارو ڏنو. جسٽس عامر فاروق ريمارڪس ڏنا ته جاچ جو عمل سست رهيو آهي، پر عدالت ڪنهن تي الزام لڳائڻ نٿي چاهي. ارشد شريف جي بيواهه جي وڪيل ٻڌايو ته سو موٽو ڪميشن باوجود جاچ مڪمل ناهي ٿي سگهي. ڪينيا جي عدالت سان رجوع ڪرڻ تي انهن جي حق ۾ فيصلو آيو ۽ واقعي کي حادثي مان قتل قرار ڏئي جاچ جو حڪم ڏنو ويو، پر اُن تي به ڪا خاص اڳڀرائي ناهي ٿي سگهي، ان ڪري پاڪستان حڪومت کان سهڪار جي درخواست ڪئي وئي آهي. ايڊيشل اٽارني جنرل عدالت کي آگاهه ڪيو ته جي آءِ ٽي رپورٽ پيش ٿي چڪي آهي. شروعات ۾ ڪينيا سهڪار کان انڪار ڪيو، پر گذريل سال سيپٽمبر ۾ ٻنهي ملڪن وچ ۾ ايم ايل اي معاهدو طئي ٿيو. هاڻي ڪينيا جي درخواست تي پاڪستاني ٽيم واقعي واري هنڌ وڃي سگهندي، شاهدن ۽ ثبوتن جو جائزو ورتو ويندو. چالان جمع ٿي چڪو آهي، ٻه جوابدار نامزد آهن جيڪي ڪينيا ۾ موجود آهن. انهن خلاف بليڪ وارنٽ جاري ڪيا ويا آهن ۽ انٽرپول کي به خط لکيو ويو آهي. وزيراعظم پڻ ڪينيا جي صدر سان رابطو ڪيو آهي ۽ ڪوشش ڪئي پئي وڃي ته جاچ جلد مڪمل ڪئي وڃي.