| ارشد نديم جيولين ٿرو ايونٽ ۾ گولڊ ميڊل پنهنجي نالي ڪري ورتو |
ڪراچي (اسپورٽس نيوز) قومي ايٿليٽ ارشد نديم جيولين ٿرو ايونٽ ۾ گولڊ ميڊل پنهنجي نالي ڪري ورتو.سنڌ جي راڄڌاني ڪراچي ۾ جاري 35 هين نيشنل گيمز جي جيولين ٿرو جي مقابلي ۾ ارشد نديم 81.81 ميٽر ٿرو سان پهرئين نمبر تي رهيو.شاندار ڪارڪردگي تي ارشد نديم گولڊ ميڊل حاصل ڪيو، جڏهن ته مقابلي ۾ واپڊا جي ياسر سلطان 70.77 ميٽر ٿرو ڪري سلور ميڊل کٽيو.پاڪ فوج جي ابرار علي 67.68 ميٽر جي ٿرو سان برانز ميڊل پنهنجي نالي ڪيو.