| ارلنگ هالينڊ پاران ٽام هالينڊ جي “ڊنر ڊيٽ” آڇ قبول |
ناروي (ڪلچرل ڊيسڪ) ناروي جي اسٽار فوٽ بالر ارلنگ هالينڊ هالي ووڊ اداڪار ٽام هالينڊ جي “ڊنر ڊيٽ” جي آڇ کي آخرڪار قبول ڪري ورتو آهي. ورلڊ ڪپ ۾ مصروف ناروي جي مشهور فوٽ بالر ارلنگ هالينڊ ٽام هالينڊ جي انسٽاگرام تي وائرل ٿيل انٽرويو جو جواب ڏنو آهي. ارلنگ هالينڊ سوشل ميڊيا پليٽ فارم انسٽاگرام تي ٽام هالينڊ جي ’ڊنر ڊيٽ‘ جي دعوت کي قبول ڪندي لکيو ته ”جواب ڏيڻ ۾ ٿوري دير ٿي وئي، هاڻي بس توهان ڊنر جي جڳهه ٻڌائي ڇڏيو.“واضح رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ ’دي ٽونائيٽ شو‘ ۾ ٽام انڪشاف ڪيو هو ته فوٽ بالر انسٽاگرام تي موڪليل سندس پيغام کي نظرانداز ڪري ڇڏيو هو. ارلنگ هالينڊ راند سان گڏٻين دلچسپ سرگرمين ڪري خبرن ۾ رهيو آهي.