| ارڙهين ترميم خلاف ڳالهيون پاڪستان مخالف سمجهون ٿا: سسئي پليجو |
ٺٽو (رپورٽر) اڳوڻي صوبائي وزير ۽ سينيٽر سسئي پليجو چيو آھي ته ايم ڪيو ايم پاڪستان جي مصطفيٰ ڪمال ھڪ ڀيرو ٻيھر سنڌ جي وحدانيت ۽ سنڌ خلاف زھر اوڳاڇي ان ڳالھ جو ثبوت ڏنو آھي ته ھُو تقسيم واري سياست ۽ لسانيت جي باھ ڀڙڪائڻ سازش کي ھٿي ڏيڻ چاھي ٿو جڏھن. ارڙھين ترميم جنھن صوبن جي آئيني حقن کي وڌيڪ ممڪن بنائڻ سان گڏ صوبن مان محرومي کي گھٽ ڪرڻ جي عملي ڪوشش ڪئي آھي ۽ ان ترميم کي رول بيڪ ڪرڻ جي ڪير به ڳالھ ڪري ته ان جي ڳالھ کي پاڪستان جي خلاف تصور ڪرڻ گھرجي ھن پنھنجي جاري ڪيل بيان ۾ چيو آھي ته سنڌ جي حيثيت ۽ سنڌ جي اھميت ٽيڪس اوڳاڙڻ کان وٺي پاڪستان جي ڊي پي ۽ سمنڊ درياءِ سميت معدني وسيلن جي ڪنٽريبيوشن کان سڀ واقف آھن ته ملڪي معيشت کي ھلائڻ ۾ سنڌ جو ڪيترو اھم ڪردار آھي ۽ ان جي باوجود سنڌ کي ڪالوني طور پيش ڪرڻ جي ناڪام ڪوشش ۾ ايم ڪيو ايم جا اڳواڻ پيش ڪري اھا راھ ھموار ڪرڻ چاھين ٿا ته صوبي ورھائڻ جي ڪا سازش تيار ڪئي وڃي جنھن عمل کي سنڌ جا ماڻھو رد ڪن ٿا.