| ازبڪستان جو صدر فيبروري ۾ پاڪستان ايندو: دوري جي تصديق |
اسلام آباد (بيورو رپورٽ) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار سان ازبڪستان جي پرڏيهي وزير بختيار سعيدوف فون تي رابطو ڪيو. ازبڪ پرڏيهي وزير طرفان اسحاق ڊار کي نئين سال جون مبارڪون ڏنيون ويون. ۽ ازبڪ صدر جي فيبروري 2026ع ۾ پاڪستان جي دوري جي تصديق ڪئي وئي. پاڪستان ۽ ازبڪستان وچ ۾ ٻطرفا لاڳاپا وڌيڪ مضبوط بڻائڻ تي اتفاق ڪيو ويو. علائقائي ۽ عالمي معاملن تي پاڪستان ۽ ازبڪستان وچ ۾ خيالن جي ڏي وٺ ٿي. ٻنهي ملڪن پاران گڏيل دلچسپي وارن شعبن ۾ سهڪار وڌائڻ جي عزم جو اظهار ڪيو ويو.