Home » 14مئي فيصلي تي عمل ممڪن ناهي پر فيصلو تاريخ بڻجي چڪو آهي:بنديال
14مئي فيصلي تي عمل ممڪن ناهي پر فيصلو تاريخ بڻجي چڪو آهي:بنديال
جُون 7, 2023
اسلام آباد (پنهنجي ڊيسڪ) چيف جسٽس آف پاڪستان عمر عطا بنديال رمارڪس ڏنا آهن ته هي جيڪو انصاف جو ڪم اسان ڪري رهيا آهيون هي مولا ڪريم جو ڪم آهي، اسان جي ڪم ۾ مداخلت ڪرڻ حق ۾ مداخلت ڪرڻ آهي
سپريم ڪورٽ ۾ ريويو ايڪٽ ۽ پنجاب چونڊ نظرثاني ڪيس جي گڏ ٻڌڻي دوران چيف جسٽس عمر عطا بنديال چيو ته حڪومت ته دروازن تي احتجاج ڪري رهي هئي ڇا احتجاج جو مقصد انصاف جي معاملي ۾ رنڊڪ وجهڻ هو سٺي ڳالهه اها ٿي ته حڪومت ۽ حڪومتي ادارن قانون موجب هلڻ جو فيصلو ڪيو آهي، اڄ حڪومت جي سوچ رياضي جي بنياد تي نه پر قانون ۽ حقيقتن تي آهي
چيف جسٽس چيو ته حڪومت جي سٺي قانونسازين کي ساراهيون ٿا ريويو ايڪٽ ۾ آرٽيڪل 184 ٿري بابت سٺي ترميم آهي صرف هڪ غلطي هنن اها ڪئي آهي ته آرٽيڪل 184 ٿري تي نظرثاني کي اپيل قرار ڏئي ڇڏيو
سپريم ڪورٽ پاران 14مئي تي پنجاب چونڊ فيصلي خلاف اليڪشن ڪميشن جي نظرثاني ۽ ريويو ايڪٽ خلاف درخواستن کي گڏائڻ جو حڪم ڏنو ويو، 3 رڪني بينچ اڱاري کان روزاني بنيادن تي ٻڌڻي ڪندي
چيف جسٽس آف پاڪستان چيو ته ڪوشش ڪنداسين ته اليڪشن ڪميشن جي نظرثاني درخواست تي جلد کان جلد فيصلو ڪريون، 9مئي جي واقعن کانپوءِ اليڪشن ڪميشن 8 آڪٽوبر تي چونڊون ڪرائڻ جي تاريخ تي به واضح جواب ناهي ڏنو
عدالت پاران اٽارني جنرل، وفاقي حڪومت ۽ ڌرين کي نوٽيس جاري ڪيو ويو، عدالت چيو ته سپريم ڪورٽ ريويو آف آرڊرز اينڊ ججمينٽس ايڪٽ خلاف درخواستگذارن موجب نظرثاني جي دائري ڪار کي وڌائڻ جو ايڪٽ غيرقانوني آهي دائري اختيار وڌائڻ لاءِ آئيني ترميم ضروري آهي
چيف جسٽس رمارڪس ڏنا ته چونڊن جو معاملو قومي مسئلو آهي، 14مئي جي فيصلن تي عملدرآمد ممڪن ناهي پر هي فيصلو تاريخ بڻجي چڪو آهي، عدالتي فيصلو تاريخ ۾ رهندو ته 90 ڏينهن ۾ چونڊون لازمي آهن، ڏسڻو ته اهو هو ته ڇا چونڊن لاءِ 90 ڏينهن کي وڌائي سگهجي ٿو، ڇا 9مئي جي واقعن بعد حالتون اهي آهن جيڪي چونڊن ۾ دير لاءِ لکيل آهن؟ هر شيءِ تشدد ۽ زور زبردستي سان نٿي ٿي سگهي