| اسان ايئن ئي ويٺا آهيون: جسٽس منصور جا آئيني عدالت بابت دلچسپ رمارڪس |
اسلام آباد(بيورو رپورٽ) جسٽس منصور علي شاهه هڪ ڪيس جي ٻڌڻي دوران دلچسپ رمارڪس ڏيندي چيو ته جيڪڏهن ڪو گهڻو مشڪل سوال آهي ته وفاقي آئيني عدالت کي موڪليون ٿا، اسان ته هونءَ به ويچارا ائين ئي آهيون، هِتي جنهن تي عدلتي ۾ ٽهڪڙا لڳي ويا. سپريم ڪورٽ ۾ جسٽس منصور علي شاهه ۽ جسٽس عقيل عباسي تي مشتمل ٻه رڪني بئنچ پنجاب جي لائيو اسٽاڪ کاتي جي ڊاڪٽر اعظم علي جي ترقيءَ متعلق ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. درخواستگذار جي وڪيل موقف اختيار ڪيو ته اُن جي مؤڪل کي نظرانداز ڪندي جونيئر آفيسرن کي ترقي ڏني وئي. جنهن تي جسٽس منصور علي شاهه رمارڪس ڏنا ته اسان کي دستاويزن مان ڏيکاريو ته واقعي جونيئرن کي ترقي ملي آهي؟. جيڪڏهن ڪو ڏکيو سوال آهي ته وفاقي آئيني عدالت ڏانهن موڪلي ڇڏيون ٿا، جنهن بعد عدالت درخواست رد ڪري ڇڏي.