اسان تيار آهيون جنگ شروع ڀارت ڪندو ختم اسان ڪنداسين، ايٽمي طاقتن ۾ ٽڪراءُ خطرناڪ هوندو: پاڪستان جي وارننگ

مَي 1, 2025

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پاڪستان ڀارت کي وارننگ ڏيندي چيو آهي ته اسان تيار آهيون، نه آزمائجو، پاڪستان اڳرائي نه ڪندو، ڀارت ڪارروائي ڪئي ته ڀرپور جواب ڏنو ويندو، ايٽم بم ۽ ميزائل آهن، ايٽمي طاقتن ۾ ٽڪراءُ خطرناڪ هوندو، تفصيل موجب ڊي جي آءِ ايس پي آر ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چوڌري نائب وزيراعظم اسحاق ڊار ۽ پرڏيهي ترجمان سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته ڀارت فوجي ٽڪراءُ جي چونڊ ڪئي ته اُها سندن چوائس هوندي، پوءِ معاملو اڳتي ڪيڏانهن ويندو، اها وري اسان جي چوائس آهي، پاڪ فوج هر محاذ تي ڪنهن به خطري کي منهن ڏيڻ لاءِ تيار آهي، اسان جوابي ڪارروائي جا سمورا اپاءَ وٺي ڇڏيا آهن، پاڪستان جي عوام، پنهنجي خودمختياري ۽ سلامتي جو هر قيمت تي دفاع ڪيو ويندو، هن چيو ته ڀارت جي حڪمت عملي ٿي سگهي ٿي ته هو اسان کي اوڀر واري سرحد تي مصروف رکي، ڀارت پنهنجي اندروني مسئلن کي پرڏيهي مسئلن ۾ تبديل ڪري رهيو آهي، اسان ڀارت جي هر شعبي ۾ نگراني ڪري رهيا آهيون، قوم متحد آهي، قومي سلامتي ڪميٽي جو پڌرنامو به اچي چُڪو آهي، سمورين پارٽين جو عزم آهي ته ڪنهن به ڪارروائي جو ڀرپور جواب ڏنو ويندو، اسان تيار آهيون، نه آزمائجو، پاڪ فوج جي ترجمان چيو ته پهلگام واقعي کي سنڌ طاس معاهدي کي معطل ڪرڻ لاءِ استعمال ڪيو پيو وڃي، دهشتگردي واقعن کي سياسي مقصدن لاءِ استعمال ڪرڻ ڀارت جو وڙ آهي، ڀارت پنجاهه سالن کان انهي دڳ تي هلي پيو، پاڪستان تي الزام لڳايو ۽ ڪريڊٽ کڻو، اليڪشن کٽو. هن چيو ته اسان هن واقعي جي حقيقت تي وينداسين، الزام تي نه، پهلگام واقعي واري جاءِ ايل او سي کان 230 ڪلو ميٽر پري آهي، اهو ڪيئن ممڪن آهي هت ڏهه منٽن اندر ڪيئن ڪوئي ايتري ڏکي رستي سان پهچي وڃي، ڀارتي بيانيو آهي ته دهشتگردي جو واقعو آهي،  مسلمانن فائرنگ ڪئي، هندن تي فائرنگ ڪئي وئي، اسان جو واضح موقف آهي ته دهشتگردن جو ڪوئي  مذهب ناهي هوندو، ڀارتي ميڊيا پاران چيو پيو وڃي ته پاڪستاني ايجنسين واقعو ڪرايو، ڀارتي ميڊيا واقعي بعد پاڪستان خلاف پروپئگنڊا شروع ڪئي، جعفر آباد ايڪسپريس واقعي تي به ڀارت کان ئي پهريون بيان آيو، ان اڪائونٽ تان آيو ته ڪجهه ڪلاڪن ۾ حملو ٿيندو، ڀارتي مخصوص اڪائونٽ حملي جو ٻڌائي ٿو، ڀارتي ميڊيا اهو اڪائونٽ پڙهي پيش ڪري ٿي، اسان ۽ دنيا ان تي غور ڪري رهي آهي، فوجي ترجمان چيو ته ڀارت پاڻ هڪ دهشتگرد رياست آهي، پاڪستان ۾ رياستي دهشتگردي ڪرائي رهيو آهي، بلوچستان ۾ دهشتگردي ۾ ڀارت ملوث هجڻ جا ثبوت آهن، پهلگام واقعي جي آزاداڻي ۽ شفاف جاچ ڪرائڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته ڀارت پهلگام واقعي بعد 15 ڪشميرين جا گهر تباهه ڪيا، مسلمانن خلاف بيانيو بڻايو ويو. ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو ته عالمي برادري کي ڀارت جي پاڪستان ۾ دهشتگردي کي ڏسڻ گهرجي، جنوري 2024ع کان هيل تائين 3700 دهشتگردي جا واقعا ٿيا، جن ۾ 3896 ماڻهو مارجي ويا، 1314 آفيسر ۽ اهلڪار شهيد ٿيا، 2582 آفيسر ۽ اهلڪار زخمي ٿيا، 77816 آپريشنز ڪيا ويا، جن ۾ 1666 دهشتگرد ماريا ويا، جن ۾ 83 هاءِ ويليو ٽارگيٽ هئا، فورسز پاران روزاني 190 کان وڌيڪ آپريشن ڪيا پيا وڃن. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار چيو آهي ته ڀارت ڄاڻي واڻي خطي جون حالتون خراب ڪري رهيو آهي، ڀارت ڇڪتاڻ وڌائڻ جو ڪوبه قدم کنيو ته ڀرپور جواب ڏنو ويندو، اسان جي فوج الرٽ ۽ چوڪس آهي، اسان وٽ ايٽم بم ۽ ميزائل آهن، ٻن ايٽمي طاقتن ۾ ٽڪراءُ خطرناڪ هوندو، ڊي جي آءِ ايس پي آر سان گڏ پريس ڪانفرنس دوران هن چيو ته ڀارت جي غيرذميواراڻن قدمن جي ڪري سڄو خطو خطري هيٺ آهي، پهلگام واقعي کانپوءِ ڀارت غيرذميواراڻو رويو ۽ قدم کنيا، ڀارت کي ٻين تي آڱر کڻڻ کان اڳ پنهنجا اندروني مسئلا حل ڪرڻ گهرجن، هن چيو ته پاڪستان سوڌو ڪيترن ئي ملڪن ۾ دهشتگردي پويان ڀارت جو هٿ آهي، جنگ ۾ اڳرائي نه ڪنداسين پر ڀارت ڪوبه قدم کنيو ته زوردار جواب ڏنو ويندو. هن چيو ته ايٽمي طاقتن ۾ ٽڪراءُ خطرناڪ هوندو، پهلگام واقعي ۾ انساني جانين جي ضايع ٿيڻ تي افسوس آهي، پاڪستان هر قسم جي دهشتگردي جي مذمت ڪري ٿو، پاڪستان پاڻ دهشتگردي جو شڪار آهي، عالمي برادري سان هن خطري متعلق رابطي ۾ آهيون، پاڪستان واقعي جي اڻڌري جاچ ۾ سهڪار لاءِ تيار آهي، ڀارت ۾ ٿيندڙ ڪو به واقعو ڀارت جو پنهنجو ڊرامو هوندو آهي، هن چيو ته ڀارت هڪطرفو سنڌ طاس معاهدو معطل نٿو ڪري سگهي، قومي سلامتي جو واضح پيغام آهي ته پاڻي روڪڻ جو قدم جنگ تصور ڪيو ويندو، پاڻي 24 ڪروڙ عوام جي لائف لائن آهي.

 

Leave A Comment