اسان تي رياست جي سختي آهي،رڳو سنڌواسي وطن يا جنم ڀومي جو تصور رکن ٿا: نورالهدي شاهه

ڊسمبر 16, 2024

ڪراچي: نامياري ليکڪا نورالھدي  شاھ چيو آهي ته بلوچ زيادتين خلاف ۽ پنھنجي حقن لاءِ وڙھي رھيا آھن، سنڌ واحد ڌرتي آھي، جتي وطن جو تصور آھي، سنڌي سماج اڄ قبيلائي سرشتي ۾ ڦاٿل هوندي سنڌواسي وطن يا جنم ڀومي جو تصور رکن ٿا. اسان جي نوجوانن اندر ھڪ اضظراب ۽ بيچيني آھي، اھو نوجوان ڀلي قبيلائي سسٽم ۾ ڦاٿل ھجي پر اھي سنڌو درياءِ جي مسئلي تي ٻاھر نڪري اچي ٿو. سنڌي سماج ۾ نوجوانن جي ھر دور ۾ پنھنجي ڌرتي سان وابستگي رھي آھي  سنڌي ادب ۽ شاعري تي رياست جو ڏکيو ھٿ رھيو آھي، سنڌي ادب جو ڪلاسڪ دور کان وٺي مزاحمت جو ڪردار آھي. ون يونٽ خلاف مزاحمت شاھ لطيف جي ميلي کان شروع ٿي. ھن وقت  اسان تي رياست جي سختي آهي، ھاڻي اسين رياست جي مزاج جي ويجھو پھچي چڪا آھيون. نوجوانن کي خبر ھجڻ گھرجي ته رياست جي مزاج ۾ شامل ٿيڻ سان رياست ڌرتي تان اوھان جا پير اکيڙي ڇڏيندي ، اسان جيڪڏھن رياست جي اثر ۾ اچي وياسين ته اسين پاڻ ھڪٻئي تي حملا ڪرڻ شروع ڪنداسين ،اسان پاڻ منجھان ئي فاتح ۽ مفتوح تلاش ڪنداسين. انهي باوجود سنڌ واحد صوبو آھي، جتان جو نوجوان انتها پسندي ۽ ٻين مامرن تي اٿي بيھي ٿو، اھو روشني جو ڪرڻو آھي. پاڪستان ۾ صرف واحد سنڌي اديب آھي، جيڪو سنڌ جي عوام سان گڏ بيٺل آھي. نامياري اديب جامي چانڊيو چيو ته سماج بي خبر ھوندو، پنھنجي حق کان بي خبر ھوندو ته ڪجھ نه ٿيندو. عوام کي شعور ڏجي، کين مزاحمت جو رستو ڏيکارجي. جبر جو خوف ختم ڪرڻ گھرجي ، سماج ۾ خوف جو ماحول جوڙيو ويو آھي، دريائن جي ڳالھ ڪرڻ جو خوف پيدا ڪيو ويو آھي ، قوم جي ڳالهه ڪرڻ جو خوف پيدا ڪيو ويو آھي، خوف پيدا ڪندڙ قوت ڪجهه  ناھي، اها پاڻ اندر ۾ کاڌل آھن ،اسان جا روشن خيال گڏجي خوف جو ماحول ٽوڙيندا. نامياري راڳي سيف سميجو چيو ته  اسان جڏھن بينڊ شروع ڪيو ته اسان انگريزي گانا ڳائيندا ھئاسين. يونيورسٽي ۾ پڙھندي احساس ٿيو ته دنيا ٻي آھي ، سياسي نظرين کي وٺي نوجوان ھڪ ٻئي کي مار ڏيندا ھئا. ان دور ۾ طالبانائيزيشن جي اڀار ٿي ، ان وقت احساس ٿيو ته اسان کي پنھنجي ثقافت سان بيھڻ گھرجي. ان وقت ٽي وي تي اسان جي موسيقي کي اھميت نه پئي ملي ، اسان انٽر نيٽ تي مفت ۾ موسيقي رليز ڪئي، جتان اسان کي نوجوان طرفان پذيرائي ملي، پوء اسان لاھوتي  طرف آياسين. اسان شعوري طور ڀٽائي ۽ شيخ اياز کي ڳايو ڇو ته انهن جي شاعري ۾ مزاحمت ھئي. لوڪ فنڪار وٽ پنھنجي آڊينس آھي، انهن کي ٽي وي جي ضرورت نه ھئي،  اسان انھن فنڪارن کي لاهوتي ۾اھميت ڏني. اسان پنهنجن ميوزڪ سيشنن ۾  رواداري جو پيغام ڏنو.

سنڌوءَ منهنجي ماءُ آھي، انھي تي حملو برداشت نه ڪبو: مصطفيٰ قريشي

ڪراچي: نامياري اداڪار مصطفيٰ قريشي چيو آهي ته سنڌو درياءَ منهنجي ماءُ آھي، انھي تي جيڪڏهن ڪو حملو ڪندو ته آئون سمجهندس ته منهنجي ماءُ مٿان حملو ٿيو آهي، سنڌ لٽريچر فيسٽول ۾ ڳالهائيندي ھن چيو ته پاڪستان ٺھڻ وقت منهنجي عمر 12 سال ھئي،  ان وقت جيڪي ھندو ھتان لڏي وڃي رھيا ھئا، اھي پنهنجي گھرن جون چاٻيون اسانکي ڏئي ويا ھئا،  جيڪي اسان پوءِ مھاجرن حوالي ڪيون، ملڪ ۾ ون يونٽ مڙهجڻ وقت انٽر ۾ پڙھندو ھئس، مون کي ون يونٽ خلاف احتجاج ڪرڻ تي ھڪ ھفتي تائين جيل ۾ رکيو ويو، ھن چيو ته ذوالفقار علي ڀٽو فنڪارن جو قدردران ھو، پاڪ چين دوستي جو بنياد ذوالفقار علي ڀٽو رکيو ھو.

اڄ شاگردن کي غلط تاريخ پڙهائي پئي وڃي: ڊاڪٽر مبارڪ علي

ڪراچي : نامياري تاريخدان ڊاڪٽر مبارڪ علي چيو آھي ته ھر دور جي حڪمرانن پنھنجي پسند مطابق درٻاري تاريخ لکرائي آھي تاريخ حڪمرانن جي قبضي ۾ رھي آھي ، بادشاھن کان وٺي برطانوي بيٺڪيت تائين حڪمرانن جي حق ۾ تاريخ لکي وئي ،پاڪستان ٺھڻ بعد به مرضيءَ جي تاريخ لکرائي وئي، اڄ شاگردن کي پڙهائي ويندڙ تاريخ غلط آھي. ڪالهه فيسٽيول ۾ ڳالهائيندي  هن چيو ته اڄ تاريخ کي عوامي نقطه نظر تحت لکڻ جي ضرورت آھي. ملڪ آزاد ٿيڻ بعد اقتدار عوام بجاءِ اشرافيا جي ھٿ ۾ اچي ويو،  انهن حڪمرانن عوام تي ظلم ۽ استحصال ڪيو، جنھن جي نتيجي ۾ ھن وقت وچولو طبقو ختم ٿي ويو آھي ، ھن چيو ته تاريخدان نجومي نه ھوندو آھي جو اڳڪٿي ڪري ، ڪارل مارڪس اڳڪٿي ڪئي ھئي ته انقلاب انگلينڊ ۽ جرمني ۾ ايندو پر انقلاب روس ۾ آيو ھو.

شھيد بينظير ڀٽو کي عورت اڳواڻن  پاران شاندار خراج تحسين پيش

ڪراچي: سنڌ لٽريچر فيسٽول  ۾ “سنڌ جون سورميون“ جي سري هيٺ ٿيل سيشن ۾ عورت اڳواڻن شھيد بينظير ڀٽو کي شاندار خراج تحسين پيش ڪندي چيو ته شھيد راڻي مزاحمتي ڪردار ادا ڪيو،

فيسٽيول ۾ مختلف ليکڪن جي ڪتابن جا مھورت  ٿيا

ڪراچي: سنڌ لٽريچر فيسٽول ۾ مختلف ليکڪن جي ڪتابن جا مھورت پڻ ٿيا، انهن پروگرامن ۾ ليکڪن کانسواءِ ٻين اديبن به خطاب ڪيو.

حاڪمن جي ڪميشن بنا ڪا منصوبا هلي نٿا سگهن: محب شاهه

ڪراچي: اڳوڻي وفاقي سيڪريٽري محب الله شاھه چيو آھي جنھن پراجيڪٽ مان حڪمرانن کي حصو نه ٿو ملي، اھي منصوبا ھلي نه سگھندا آھن ، سماج ۽ رياست وچ ۾ جدوجھد جي عنوان ھيٺ ٿيل سيشن ۾ ڳالهائيندي هن چيو ته ڪيٽي بندر پاور پراجيڪٽ مڪمل ٿئي ھا ته ھن وقت تائين پنج ھزار ميگاواٽ بجلي به ملي ھا ۽ اونهي سامونڊي بندر گاھه جو مسئلو به حل ٿي وڃي ھا پر ڄاڻي واڻي ڪيٽي بندر رٿا کي ختم ڪيو ويو  معاشي ماھر قيصر بنگالي چيو ته اسان وٽ رياست ڪڏھن به سماج جي نمائنده ناهي رھي، پاڪستان کان اڳ پنجاب جي حڪومت يونينسٽ پارٽي وٽ ھئي، جيڪا بعد ۾ مسلم ليگ ۾ شامل ٿي وئي، مسلم ليگ ھميشه فائدو کڻڻ جي ڳالهه  ڪئي، اھو سلسلو 1947 کان جاري آھي ھتي رياست ڪڏھن به عوام دوست ناهي رھي، اها عوام کان پئسو ڦري لٽ مار ڪندڙن کي مضبوط ڪندي رھي ،بند پاور ڪمپنين کي ھٿ وٺي پئسا ڏياريا ويا. اسٽاڪ مارڪيٽ ۽ پراپرٽي ڊيلرز مافيا جي شڪل اختيار ڪري چڪا آھن، جن کي رياست جي حمايت حاصل آھي.

سنڌياڻين کي سماجي ناانصافين خلاف اٿڻو پوندو: عاليا بخشل

ڪراچي: عورت اڳواڻ عاليا بخشل چيو ته عمر اڳيان مارئي پنھجا ڪردار اوچو رکيو، هن پنھنجي وطن خاطر پنهنجو مان نـه وڃايو،  سنڌ ۾ عورتن جو ڪردار تاريخي رھيو آھي ـ ڊاڪٽر شاھنواز واري واقعي تي اسان انھي ڪري آواز اٿاريو ته جيڪڏهن اسان آواز نه اٿارينداسين ته سڀاڻي اسان جي ٻارن سان به انهي قسم جا واقعا ٿي سگھن ٿا، اسان سڀني کي سماجي ناانصافين خلاف پنهنجي حصي جو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو، ايڊووڪيٽ روماسا چانڊيو چيو ته  عورت  ھر صورت ۾ ڏکيائين کي منھن ڏئي ٿي، مزاحمتي عورت کي مشڪلاتن سان منهن ڏيڻ لاءِ ھر قسم جي طاقت سان منھن ڏيڻو بـ پوندو، مزاحمتي عورت جو ڪردار ڪا به عورت ادا ڪري ٿي سگھي، ڊاڪٽر سورٺ سنڌو جيو ته عورت ھر صورت ۾ مزاحمتي رھي آھي، عورت تي وڏو جبر ٿيو آھي ۽ ٿيندو اچي پيو ، عورت جبر مان گذري  ئي مزاحمتي ڪردار بڻجي ٿي.

Leave A Comment