ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ چيو آهي ته عوام جي جان ۽ مال جي حفاظت پوليس جي ذميواري آھي پوليس جيتري مضبوط ھوندي اوترو دھشتگرد پري ھوندا
آءِ جي سنڌ چيو ته ٽاسڪ فورس جو مقصد منشيات جو خاتمو آھي، گٽڪو ماوا جي خلاف پوليس ۽ ميڊيا کي گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو
اسان گورنمينٽ کي پرپوزل ڏنو آھي ته ڪرائوڊ مينيجمينٽ بڻايو وڃي سنڌ حڪومت اجازت ڏئي ڇڏي آھي
آءِ جي چيو ته منشيات سنڌ ۾ ناھي ٺهندي ، ان کي بارڊر تي ئي روڪيو وڃي ته بھتر ھوندو
اسان وٽ نارڪوٽڪس جا ڪيس تمام گھڻا آھن
آءِ جي چيو ته پوليس ڌاڙيلن خلاف آپريشن ڪيو آھي، ڪچي ۾ چوڪيون قائم ڪيون آھن ان جو واضح پيغام آھي ته ڏوھارين کي پوليس بخش نه ڪندي
اسان جا اھلڪار شھيد ٿيا آھن اھو اسان جو وڏو نقصان آھي اگر اھو چيو وڃي ته پوليس ڪجھه ناھي ڪيو اھا وڏي ناانصافي ھوندي
آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ ڪي پي او ۾ شهيدن جي ياد ۾ ٿيل تقريب کي خطاب وڌيڪ چيو ته شهيد زنده هوندا آهن انهن جي پگهار بند ناهي هوندي
شھيدن جي ٻارڙن جي تعليم، صحت ۽ انھن جي ٻن ٻارڙن کي نوڪريون ڏيندا آھيون
هن چيو ته اسان عرفان بھادر کي ويلفيئر لاءِ مقرر ڪيو جيڪو پاڻ شھيد جو پٽ آھي
اڄ پاڪ فوج ۽ سنڌ پوليس پاران فوج ۽ سنڌ پوليس جي شھيدن جو ڏھاڙو ملھايو پيو وڃي
آءِ جي چيو ته شھيد زنده ھوندا آھن، اسان شھيدن کي خراج تحسين پيش ڪيون ٿا
آءِ جي سنڌ پاران شھيدن جي يادگار تي گل رکيا ويا ۽ سلامي پيش ڪئي وئي جڏهن ته آءِ جي سنڌ پاران شھيدن جي فيملي کي تحفا ۽ چيڪ ڏنا ويا.