اسان جا تيل جا کوهه ناهن ڦاٽا، قيمت 140 ڊالر ٿيندي: قاليباف

اسان جا تيل جا کوهه ناهن ڦاٽا، قيمت 140 ڊالر ٿيندي: قاليباف

تهران (م ڊ) ايراني پارليامينٽ جي اسپيڪر محمد باقر قاليباف آمريڪا تي ٺٺولي ڪندي چيو ٽهي ته تيل جي قيمتن ۾ وڌيڪ واڌ ٿيندي باقر قاليباف ايڪس پوسٽ ۾ لکيو ته ٽي ڏينهن گذري ويا آهن ۽ اڃا تائين ايران جو تيل جو ڪو به کوهه نه ڦاٽو آهي. اسان هن مدت کي وڌيڪ 30 ڏينهن وڌائي سگهون ٿا ۽ کوهه جي صورتحال کي لائيو نشر ڪري سگهون ٿا. باقر قاليباف اڳڪٿي ڪئي ته تيل جي قيمت 140 ڊالر في بيرل تائين وڌي سگهي ٿي.