اسان جا دشمن پنهنجي فوجي طاقت وڌائي رهيا آهن: آمريڪا

c

واشنگٽن(م ڊ) آمريڪي جنگي معاملن واري سيڪريٽري دعويٰ ڪئي آهي ته موجوده دنيا جي صورتحال ساڳي آهي جيئن ٻي عالمي جنگ کان اڳ هئي. هن دعويٰ ڪئي آهي ته سندس مطابق، آمريڪا جا دشمن پنهنجي فوجي طاقت وڌائي رهيا آهن.  سيڪريٽري پيٽ هيگسٽ واشنگٽن ۾ آمريڪي نيشنل وار يونيورسٽي ۾ پنهنجي تقرير ۾ دنيا جي مختلف حصن ۾ جنگي جنون ۽ جارحاڻي ڪاررواين جو ذڪر ڪرڻ کان سواءِ، هن دعويٰ ڪئي ته آمريڪا جا دشمن پنهنجي فوجي طاقت وڌائي رهيا آهن،  پيٽ هيگسٽ چيو ته دنيا جي صورتحال ڪڏهن 1949 وانگر ۽ ڪڏهن 1981 وانگر آهي، هنگامي حالتون ۽ خطرا محسوس ڪيا پيا وڃن. هن دعويٰ ڪئي ته آمريڪا جا دشمن گڏ ٿي رهيا آهن ۽ خطرا وڌي رهيا آهن ۽ اسان کي جنگ کي روڪڻ لاءِ فوري قدم کڻڻ جي ضرورت آهي. آمريڪي سيڪريٽري اهو بيان اهڙي صورتحال ۾ ڏنو آهي جڏهن آمريڪا اولهه ايشيا کان وٺي يوريشيا ۽ لاطيني آمريڪا تائين هر هنڌ جنگي حالتون پيدا ڪري ڇڏيون آهن. آمريڪي صدر ٽرمپ ٻه ڏينهن اڳ اعتراف ڪيو ته آمريڪا ايران خلاف غاصب صيهوني حڪومت جي 12 ڏينهن جي جارحيت ۾ مرڪزي ڪردار ادا ڪيو.