اسان جا ماڻهو گڏيل احتجاج لاءِ تيار ناهن، اسان جا اديب به مسئلن کان پري آهن: مهتاب راشدي
ڊسمبر 9, 2024
ڪراچي (رپورٽ: فقير سليم)سنڌ جي اديبن ۽ دانشورن نوجوان نسل تي زور ڏنو آھي ته اھي سماجي ويب سائيٽس تي بحث ھيٺ ايندڙ منفي موضوعن کي رد ڪري مثبت ڪردار ادا ڪن، ڪالهه هتي آرٽس ڪائونسل ۾ جاري 17 ھين عالمي اردو ڪانفرنس جي موقعي تي “سنڌي ادب” جي موضوع ھيٺ ڪوٺايل سيشن کي خطاب ڪندي پ پ ايم اين اي مھتاب اڪبر راشدي چيو ته اسان جي زماني ۾ ڪتاب پڙھڻ جو رجحان وڌيڪ ھو، ٽي وي ۽ موبائل فون نه ھجڻ ڪري ڪتاب پڙھڻ جي فرصت ھئي، ھاڻي ڪتابن جي قيمتن ۾ به گهڻو اضافو ٿيو آهي، جنهن تي ضابطو اچڻ گهرجي، هن چيو ته وقت سان گڏ سوچ تبديل ٿي رھي آھي، اڄ جو اديب سمجهي ٿو ته منهنجو ڪم صرف لکڻ آھي، ڪنهن احتجاج ۾ ڇو وڃان ؟ اسان وٽ ماڻهو الڳ الڳ احتجاج ڪن ٿا پر ساڳئي موضوع تي گڏجي جدوجهد نٿا ڪن، نامياري دانشور جامي چانڊيو چيو ته اڄڪلهه سنڌ جي ننڍن شھرن ۾ ڪتاب وڌيڪ پڙھيا وڃن ٿا، نوجوان ڪتابن ۾ دلچسپي رکن ٿا، اسان جو اپر ڪلاس (اميراڻو طبقو) پنهنجي ادب ۽ ٻولي کان پري ٿي رھيو آھي، اڳ ۾ پبلشر ادب شناس ھئا، ھاڻي پبلشر اديبن کي پنهنجو گراھڪ ٿا سمجهن، ھاڻي جنهن اديب وٽ پئسا آھن اھو پنهنجي خرچ تي پنهنجو ڪتاب ڇپائي ٿو ڇڏي، هن چيو ته سوشل ميڊيا ذريعي مثبت ڳالهيون ڪري ٿيون سگهجن، برک ليکڪا نورالھدي شاھ چيو ته اڳ ۾وڏن اديبن پنهنجي زندگي ادب کي ھٿي ڏيڻ لاءَ گذاري، تڏهن اسانکي بھترين ادب پڙھڻ لاءِ مليو، ھاڻوڪا اديب پنهنجي شروعاتي سفر ۾ آھن، انھن مان ئي ڪو وڏو اديب پيدا ٿيندو، اسان سڀني کي گڏجي اڳتي وڌڻو پوندو، هن چيو ته سنڌ جي اديبن جاگيرداراڻي سماج ۾ رھي به پنهنجو ڪردار ادا ڪيو آهي.
خوشحالي ۽ ترقي اسلام آباد تائين محدود نه هجڻ کپي: خالد مقبول
ڪراچي : تعليم واري وفاقي وزير ڊاڪٽر خالد مقبول چيو آهي ته خوشحالي ۽ ترقي رڳو اسلام آباد تائين محدود نه هجڻ گهرجي، انهي کي ھيٺ وٺي وڃڻو پوندو، ارڙھين ترميم تي مڪمل عمل ناھي ٿيو، سرڪار کي مڪاني ادارن کي به اھميت ڏيڻ گھرجي، پرائمري تعليم مڪاني ادارن جي ذميواري هجڻ گهرجي، ڪالهه هتي آرٽس ڪائونسل ۾ جاري عالمي اردو ڪانفرنس ۾ “تعليم جي صورتحال“ واري سيشن ۾ ڳالهائيندي هن چيو ته اسان ڪراچي جي نوحي سان جڙيل رھيا آھيون پر جشن ڪراچي پڻ ملھايو پيو وڃي، گولڊ ميڊلسٽ ۾ 70 سيڪڙو ڇوڪريون اچن ٿيون ـ ھاڻي بدلجندڙ پاڪستان کي قبول ڪرڻو پوندو، ھاڻي رڳو سياستدانن جي گهر جي عورتن کي نه پر عام ڇوڪرين کي به اليڪشن ۾ اڳتي آڻڻ گھرجي، جيڪي پڙھيل ڇوڪريون آھن انھن لاءِ سماج اسپيس پيدا ڪري، پڙھيل لکيل ڇوڪرين کي گھر ن۾ ويھارڻ بدران فيلڊ ۾ موقعا فراھم ڪيا وڃن ـ اين اي ڊي يونيورسٽي جي وي سي ڊاڪٽر سروش حشمت لوڌي چيو ته اين اي ڊي ۾ 49 سيڪڙو شاگردياڻيون پڙھن ٿيون، سنڌ مدرسي جي وي سي ڊاڪٽر مجيب صحرائي چيو ته سندس يونيورسٽي ۾35 سيڪڙو شاگردياڻيون تعليم حاصل ڪن ٿيون، جناح سنڌ ميڊيڪل يونيورسٽي جي وي سي ڊاڪٽر امجد سراج چيو ته اسان وٽ 85-90 سيڪڙو ڇوڪريون آھن، انھن مان گريجوئيشن بعد اڌ کان به گھٽ فيلڊ ۾ رھن ٿيون.
اردو رابطي جي زبان آھي، جيڪا سڀني کي اچڻ گھرجي: ٽسوري
ڪراچي: سنڌ جي گورنر ڪامران ٽسوري چيو آهي ته ڪراچي ۾ بجلي، پاڻي، گيس ، روزگار توڙي ٻيون سھولتون نه هجڻ باوجود شھري وڏي انگ ۾ جشن ڪراچي ۾ شريڪ ٿيا آھن، اھا ادب دوستي ۽ پنهنجي شھر سان محبت آھي، ڪالهه آرٽس ڪائونسل ۾ عالمي اردو ڪانفرنس جي پڄاڻي واري تقريب کي خطاب ڪندي هن چيو ته اڄڪلهه جيڪا اردو اسانجي تعليمي ادارن ۾ نوجوان نسل پڙھي ۽ ڳالھائي ٿو، انھي کي ڏسي اھو چوڻ ۾ ڪو به حرج ناھي ته ا سال ۾ 2 ڀيرا ادبي ڪانفرنسون ٿيڻ گھرجن، هن چيو ته اردو رابطي جي زبان آھي، جيڪا سڀني کي اچڻ گھرجي، اسان انگريزي ڳالهائڻ تي فخر محسوس ڪريون ٿا پر جڏهن اردو تي فخر ڪنداسين ته اسان جو ملڪ ترقي ڪندو، نامياري اديب انور مقصود وضاحتي انداز ۾چيو ته گذريل رات کان منهنجي گھر وارن ۽ مائٽن کي فون اچڻ شروع ٿي ويا ھئا ته انور مقصود کي کنڀي ويا آھن ڇا؟ آئون چوڻ چاھيان ٿو ته60 سالن کان لکان پيو ۽ پڙھان پيو، آئون شھيدن لاءِ مذاق نٿو ڪري سگھان ، انھن منهنجي لاءِ جان ڏني، انھن جي ڪري آئون زنده آھيان ۽ لکان پيو ، آئون زنده لاءِ چوندو آھيان پر ھاڻي انھن لاءِ به نه چوندس، تقريب کي محمد احمد شاھ ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو۔ جڏهن ته رات دير تائين قوالي جي محفل جاري رھي.
اسان جا تعليمي ادارا معياري تعليم نٿا ڏين، حڪومت کين ٺيڪ ڪرڻ نٿي چاھي: صادقه صلاح الدين
ڪراچي: نامياري تعليمدان صادقه صلاح الدين چيو آهي ته والدين چاھين ٿا ته سندن پٽ ۽ ڌيئرون سٺي تعليم حاصل ڪن پر اسان جا تعليمي ادارا معياري تعليم نٿا ڏين، حڪومت پڻ انهي صورتحال کي بھتر ڪرڻ نٿي چاھي.