اسان جا ڪيس نٿا لڳن، عدالتون هڪ شخص کي رليف پيون ڏين: عمران خان
ڊسمبر 13, 2023
اسلام آباد(بيورو رپورٽ) اڳوڻي پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان جي وڪيل شير افضل خان مروت چيو آهي ته ٽرائل کانپوءِ اڳوڻي پي ٽي آءِ چيئرمين سان قانوني ٽيم جي ملاقات ٿي، عمران خان هاءِ اسپرٽ آهي ۽ سندس حوصلا بلند آهن. هن قانوني معاملن تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته عدالتي ڪارروائي سست رفتاري جو شڪار آهي. عمران خان ڪي پي جي عوام جو ٿورو مڃيو ۽ چيو ته ووٽ ان کي ملڻ گھرجي جنهن جو حق آهي. اڳوڻي پي ٽي آءِ چيئرمين چيو ته حقيقي آزادي جي اصل ويڙهه پنجاب جي ڌرتي تي وڙهنداسين. سمورا ڪنوينشن پر امن رکيا وڃن، هڪ هفتي اندر پنجاب ۾ ورڪرز ڪنوينشن ڪنداسين، ڪراچي ۾به جلسو ڪرائڻ جو چيو آهي. اڳوڻي پي ٽي آءِ چيئرمين وڌيڪ چيو ته عدالتون هڪ شخص کي رليف ڏئي رهيون آهن، اسان جا ڪيس نٿا لڳن. شڪاگو ۾ آرمي چيف خلاف اوور سيز پاڪستانين جي احتجاجي پروگرام کي اڳوڻي پي ٽي آءِ چيئرمين روڪيو. عمران خان چيو ته ڪو به سرڪاري وفد هجي ان خلاف پرڏيهه ۾ احتجاج درست نه آهي. اڳوڻو چيئرمين ڪنهن به ڊيل لاءِ تيار ناهي. اسان کي ڊيل ڪرڻي هجي ها ته ٽن ڏينهن ۾ ست ڪيس اسان تي نه ٿين ها. اڳوڻي چيئرمين خميس تي لاهور ڪنوينشن جي تيارين جي هدايت ڏني آهي.