اسان جو مسقبل روشن آهي

جُولاءِ 4, 2023

  پاڪستان دنيا جي ٻن وڏين اڀرندڙ طاقتن جي ڪناري تي آباد آهي. چين دنيا جي ٻي سڀ کان وڏي معيشت ۽ فوجي طاقت طور پاڻ کي دنيا ۾ مڃايو آهي ۽ ان ڳالهه جو امڪان موجود آهي ته هو جلد ئي دنيا جي سڀ کان وڏي معيشت طور اڀري اچي. چين اسان سان زمين ۽ پهاڙن جي رستي جڙيل آهي. چين جي مقابلي ۾ انڊيا، هن وقت دنيا جي پنجين وڏي معيشت آهي ۽ ان ڳالهه جو امڪان موجود آهي ته هُو جلدي دنيا جي ٽين وڏي معيشت طور اُڀري اسان جي سياست ۽ سرمائيدار کي پنهنجي “چمڪ” کان متاثر ڪري. انڊيا سان اسان زميني ۽ سامونڊي رستي ڳنڊيل آهيون. ملڪي سرحدن جي ٻنهي پاسي انهن معاشي ۽ سياسي تبديلين جو اسان جي سياست، رياست ۽ روحانيت تي اثر ناگزير آهي.

ترقي جو پکي ڪٿي پيو اڏامي

                 آمريڪي ليکڪ رُچير شرما ڪجهه سال پهرين “قومن جو عروج ۽ زوال” جي نالي سان ڪتاب لکيو هو، جنهن ۾ اسان جي ملڪ جو به ٿورو ذڪرِ خير موجود آهي. ڪتاب ۾ هڪ ٿيوري آهي جنهن کي ليکڪ “ترقي جو  پکي” لکيو هو. ان ٿيوري جو مقصد اهو آهي ته ملڪن جي ترقي ڪنهن پکي جيان هوندي آهي، جيڪو جوان ٿيڻ تي هڪ سرحد ۾ رهڻ جي بجائي اڏامي سرحد پار وڃي ٻچا ڏي ٿو. هُن پنهنجي ٿيوري کي سمجهائندي ايشيا جو احوال ڏنو آهي جنهن ۾ بقول شرما جي ته سڀ کان پهرين صنعتي ترقي جپان ۾ ٿي هئي. جپان کان اهو ترقي جو پکي اڏامندو سرحد پار ڪري مشرق جي ٻين ملڪن ڏانهن ايندو رهيو آهي. هانگ ڪانگ، سنگاپور، ڪوريا، تائيوان، ۽ چين ۾ ترقي کان پوءِ ۽ اهو اتي نه بيهندو.

شرما جي ڳالهه کي اڳتي وڌائيندي آئون ان پکي کي هاڻي انڊيا کان ٿيندو بنگلا ديش ۾ اڏامندي پيو ڏسان. هاڻي سوال اهو آهي ته ڇا ان پکي کي اسان جي ملڪ جي سرحدن ۾ اچڻ جي اجازت ملندي يا وري  ڪو “ماري ان کي بندوق” جي گولي سان ڦٿڪي مرڻ تي مجبور ڪندو. جيڪڏهن شرما جي ٿيوري ۽ مارڪس جي تاريخي ماديت صحيح آهي ته پوءِ ترقي جي پکي کي دير سوير ئي سهي پر “مهراڻ سان ملڻو پوندو” ۽ لڳي ٿو اسان جو مسقبل روشن آهي.

تهذيبن جو گڏيل ورثو

منهنجي سمجهه موجب انڊيا ۽ چين جون ٻئي تهذيبون سنڌو جون شاخون آهن. انڊيا جنهن تهذيب کي پنهنجو فخر سمجهي ٿو، تنهنجي ابتدا اسان جي ڌرتي، دريا ۽ سمنڊ کان ٿي آهي. شاباس هجي انهن يورپين کي، جن اچي موهن جو دڙي کي کوٽيو هو ۽ اسان کي پنهنجي لڪل ورثي کان واقف ڪيو هو. يورپي عقيدي پرست ان تلاش ۾ سنڌ آيا هئا ته متان ڪو ان دڙي مان اهڙو ٽبوت ملي جو هُو ڊارون کي جواب ڏئي سگهن ته “وٺ تنهنجي ارتقا جي ٿيوري جو جواب”.  پر ويچارن کي اها ئي مايوسي ٿي جيڪا انهن کي دجلا، فرات ۽ نيل جي وادين ۾ ٿي هئي ۽ هو ڊارون ۽ روشن خيالي جي تحريڪ کان شڪست کائي ويا.

هاڻي وري انڊيا جي معاشي ترقي سان گڏ اتي جو قوم پرست  اهو چاهي ٿو ته سنڌو تهذيب جي خزانن کي کوٽجي ۽ انڊين تهذيب کي دنيا جي قديم تهذيب طور ثابت ڪجي. انهن جن ٻين قديم ورثن جي کوٽائي ڪئي آهي، جن مان ملندڙ ڄاڻ موهن جي دڙي ۾ دٻيل رازن تان پردو کڻي سگهي ٿي. هو موهن جي دڙي جي ٻولي تي به ڪم ڪري رهيا آهن. اسان پنهنجي تاريخي ورثي تي رڳو شعله بياني ڪري رهيا آهيون ۽ باقي حقيقي محنت “ڌاريان” ڪري رهيا آهن، جيڪا اسان جي قومي ٽريجڊي آهي. “ڌاريان” پنهنجي مفاد ۾ ئي سهي جيڪو ڪم ڪري رهيا آهن، تنهن سان خطي جي گڏيل تهذيب جي سمجهه ملي رهي آهي، جيڪا اڳتي هلي اسان جي لاءِ انتهائي ڪارائتي ٿيندي ۽ لڳي ٿو اسان جو مسقبل روشن آهي.

ورثي جو بوجهه ۽ منفي سوچ جو حل

ورثي ۾رڳو ملڪيت نه پر سماجن کي ماضي جا بوجهه ۽ ذميواريون به ملنديون آهن. اسان سان به ڪجهه اهڙي صورتحال آهي، جو اسين چاهيندي يا نه چاهيندي به ماضي جا قيدي آهيون ۽ “افلاطون جي غار” ۾ واپس موٽي وڃڻ پسند ڪريون ٿا. اسان جي ملڪ جي سڀ کان وڏي قوم راوي جي پراڙ پنهنجي ئي ورثي سان نفرت ڪري وڏي ٿي آهي ۽ اهو منفي ورثو نه رڳو انهن جي لاءِ پر اسان جي لاءِ به اڳتي وڌڻ ۾ وڏي رڪاوٽ بنجي رهيو آهي.ثقافتي ورثي جا ٻه پهلو آهن. هڪ مادي يا ٽيڪنالاجيڪل ۽ ٻيو آهي غير مادي يا روحاني. مادي شين ۾ اوزار، هٿيار، ريل، ٽريڪٽر، فرٽيلازر، وغيره شامل آهن. ڪنهن قوم جي لاءِ ڌارئي قوم جي ٽيڪنالاجي کي اپنائڻ آسان آهي. هو خوشي سان هَر جي جڳهه تي ٽريڪٽر سان کيڙيِ ڪري وڌيڪ اپت وٺڻ پسند ڪندا.

قدامت پسند ماڻهو به جهاز ۾ چڙهي حج ڪرڻ پسند ڪندا آهن ۽ جپاني لينڊ ڪروزر ۾ چڙهي گهمڻ ۾ فخر ڪندا آهن. پنهنجي حفاظت جي لاءِ هو ڪلاشنڪوف رکندا آهن ۽ ان سان هو عوام کي داٻو به ڏيندا آهن وغير وغيره. جڏهن ته ثقافت جو روحاني پهلو ٽيڪنالاجي کان ڪافي مختلف آهي. روحانيت ماڻهن جي ذهنيت کي سمجهائي ٿي ۽ ماڻهو پنهنجي ذهنيت کي آساني سان تبديل نه ڪري سگهندا آهن. ڪجهه ماڻهو جديد دنيا جي ثقافت کي يهود و هند جي سازش چئي روڪڻ جي ڪوشش ڪندا. هو جديد علم کي پڙهڻ کان پاسيرو رهندا ۽ ٻارن کي مدرسن ۾ پڙهائڻ پسند ڪندا. اها ذهنيت رڳو اشرافيه ۾ نه آهي پر عام ماڻهو به ان کان متاثر آهي. قبائلي معاشري جا ماڻهو ٽريڪٽر ۽ موٽر سائڪل وٺي اچي پاڙي وارن کي فخر سان ڏيکاريندا پر جي هن جي گهر جي ڪنهن عورت جو  غلطي سان رئو مٿي تان ڪري پيو ته قيامت برپا ڪئي ويندي آهي. اڄ چين ۽ انڊيا جي ترقي جو سبب انهن ۾ سائنسي تعليم آهي ۽ اسان به ان علم کي پڙهي ترقي ڪري سگهون ٿا ۽ لڳي ٿو اسان جو مسقبل روشن آهي.

چين جي مقابلي ۾ اسان جي آبادي نسلي طرح انڊيا سان ملي ٿي. ڪافي نسليات جي ماهرن جي خيال ۾اسان جو خون “انڊين يورپين” آهي. ڪافي ماڻهو ان خيال سان اختلاف به رکن ٿا.  اسان جي سوين سالن جي تاريخ گڏيل آهي. مغلن ۽ پوءِ انگريزن جي دور ۾ اسان معاشي، سياسي ۽ سماجي طرح ڳنڊيل رهيا آهيون.

ها اهو ضرور آهي ته اها تاريخ تضادن سان ڀريل هئڻ سان گڏ ان ۾ نفرت ۽ رت جي ويڙهه به شامل آهي. پر دنيا جي ڪهڙي تاريخ ۾ اهو نه آهي؟ دنيا ۾ جيتريون جنگيون انگريزن ۽ فرينچن وڙهيون آهن، تن جو ٻي ڪا قوم مقابلو نه ٿي ڪري سگهي. اڄ هو  پاڻ ۾نه صرف گڏ آهن پر هڪڙي يونين جو حصو آهن. جرمني ۽ فرانس هڪٻئي سان ڪهڙي گهٽتائي نه ڪئي هئي. ڪڏهن نيپولين گهوڙي تي چڙهي جرمن قوم کي لتاڙيو  هو ته ڪڏهن وري جرمن نازين ٽئنڪن تي چڙهي پيرس کي تاراج ڪيو هو. پر اڄ اهي قومون پاڻ ۾ وڻج واپار ۽ ڪاروبار ڪن ٿيون. اسان کي ماضي جي مزارن ۽ پراڻين دشمنين کان هٽي ڪري جرمني، فرانس ۽ جپان کان سکڻ گهرجي. ناسٽيلجيا، قومي ورثي تي غرور ٻين قومن کان سکڻ ۾ رڪاوٽ بنجي ٿو. اهو چوڻ ته مغرب جيڪا ترقي ڪئي آهي،

سا ته اسان جو نقل آهي ۽ اسان جا وڏا ته هزارين سال پهرين جهاز اڏائيندا هئا، جهڙي خام خيالي  نارسس ازم کي جنم ڏي  ٿي، جنهن جو نتيجو خود فهمي ۽ خود پرستي ۾ نڪري ٿو. پنهنجي تاريخ مان سکڻ ضروري آهي پر دنيا جن علمن سان ترقي ڪئي آهي ۽ جن جي وسيلي اڄ هو اسان کان بهتر آهن تن کي سکڻ گهرجي. پنج هزار سال پهرين سنڌ ۽ ميسوپوٽيميا دنيا کي تهذيب سيکاري هئي ۽ اتان تهذيب جو سفر اڳتي وڌيو هو. ٻه هزار سال پهرين يوناني ۽ رومي تهذيب پنهنجي عروج تي هئي ۽ هزار سال پهرين عرب تهذيب دنيا جي عظيم تهذيب هئي. بيشڪ انهن هڪٻئي کان سکيو هو.

اها ئي انسان جي عظمت آهي. اڄ اسان جي پوئتي آهيون ته سڀاڻي دنيا جي عظيم تهذيب ٿي سگهون ٿا پر ان جي لاءِ اسان کي پنهنجي سوچ کي بدلائڻو پوندو. اسان کي چين ۽ انڊيا ٻنهي کان سکڻ گهرجي پر چين تي خاص توجهه ڏيڻ گهرجي، جتي سڀ کان وڌيڪ جدليات تي ڪم ٿي رهيو آهي. چين ۾ هر پارٽي عهديدار جي لاءِ جدليات پڙهڻ لازم آهي. هاڻي انهن وري مارڪس ازم کي پڙهائڻ شروع ڪيو آهي. هن وقت چين ۾ مارڪس ازم پڙهائڻ وارن جي وڏي ڪمي آهي. ٻن سئو سالن جي بدحالي کان پوءِ اسان جو خطو پنهنجو وڃايل وقار واپس وٺي رهيو آهي. اها اسان جي لاءِ خطري سان گڏ سٺي مستقبل جي نويد به آهي. اسان کي منفي سوچ کي ڇڏي ترقي جي پکي جي آجيان ڪرڻ گهرجي ۽ لڳي ٿو اسان جو مسقبل روشن آهي.

Leave A Comment