| اسان جو مينڊيٽ اڃاتائين قبول ناهي، ڪو ٻيو رستو وٺون؟ بئريسٽر گوهر |
راولپنڊي(م ڊ) پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) جي چيئرمين بئريسٽر گوهر علي خان ننڍي چونڊن ۾ ناڪاميءَ تي مايوسي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته اسان جو مئنڊيٽ اڃا تائين قبول نه پيو ڪيو وڃي، جيڪڏهن اهو سلسلو جاري رهيو ته اسان ڪنهن ٻي لائن تي وڃڻ جو سوچينداسين. پي ٽي آءِ چيئرمين بئريسٽر گوهر راولپنڊي ۾ اڊيالا جيل ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته جيڪڏهن اسان کي ڄاڻ هجي ها ته اسان جو مئنڊيٽ قبول نه ڪيو ويندو ته اسان ننڍي چونڊن ۾ حصو نه وٺئون ها، چونڊن ۾ اسان پنهنجي هريپور سيٽ جو دفاع نه ڪري سگهياسين. هن چيو ته هاڻي خيبرپختونخوا ۽ ٻين هنڌن تي ڪنهن ٻئي جو سڪو هلي رهيو آهي، اهو ظلم آهي، اسان ايتريون سختيون برداشت ڪيون ۽ اسان سمجهو ته هن واري اسان جو مئنڊيٽ قبول ڪيو ويندو، پر اسان کي ميري اک سان ڏٺو ويو ۽ مئنڊيٽ قبول نه ڪيو ويو. بئريسٽر گوهر چيو ته عوام ۾ مايوسي پکڙجي ويندي، برداشت ختم ٿيندي ۽ جيڪڏهن اهو سلسلو جاري رهيو ته اسان ڪنهن ٻي لائن ڏانهن وڃڻ جو سوچينداسين.