اسان جي هڙتال آهي ٻڌڻيون نه ڪريو: وڪيل عدالتي ڪمري ۾ گهڙي آيا

مَي 24, 2023

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سيشن جج ملير ۽ وڪيلن وچ ۾ تڪرار اڄ پنجي ڏينهن ۾ داخل ٿي ويو آهي سنڌ بار ڪائونسل ۽ وڪيل تنظيمن پاران اڄ به عدالتي ڪاروائين جو بائيڪاٽ ڪري هڙتال ڪئي پئي وڃي

وڪيلن چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيمبر ٻاھران اڄ ٻيھر ڌرڻو ھڻي نعريبازي شروع ڪري ڇڏي

وڪيلن سنڌ هاءِ ڪورٽ ۽ سٽي ڪورٽ جا مک دروازا وڪيلن ۽ شهرين لاءِ بند ڪري ڇڏيا

وڪيلن سنڌ هاءِ ڪورٽ جي مين گيٽ  اينيڪس بلڊنگ ۽ سٽي ڪورٽ جي مين گيٽن کي تالا هڻي ڇڏيا سنڌ ھاءِ ڪورٽ ۽ سٽي ڪورٽ  ۾ عدالتي ڪاروائين لاءِ پيش ٿيندڙ وڪيلن ۽ شهرين کي عدالت ۾ داخل ٿيڻ نه پيو ڏنو وڃي

سرڪاري وڪيلن کي به عدالت ۾ داخل ٿيڻ کان روڪيو ويو جڏهن ته وڪيلن جي ھڙتال سبب اھم ڪيسن جون ٻڌڻيون نه ٿي سگھيون

وڪيلن ملير جي سيشن جج جي بدلي جو مطالبو ڪيو آهي

احتجاج ڪندڙ وڪيل چيف جسٽس جي ڪمري تائين  پهچي ويا، وڪيل عدالت ۾ نعريبازي ڪندا رهيا

وڪيلن چيف جسٽس کان مطالبو ڪيو ته اسان جي درخواست تي غور ڪيو وڃي ۽ عدالتي ڪارروائي معطل ڪئي وڃي

چيف جسٽس چيو ته توهان عدالتي ڪم ۾ مداخلت ڪري رهيا آهيو ۽ چيف جسٽس وڪيلن تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته توھان عدالتي ڪم ۾ رڪاوٽون وجهي رهيا آهيو

چيف جسٽس چيو ته توهان احتجاج ڪري سگهو ٿا پر اهو طريقو درست ناهي،

 وڪيلن چيو ته اسان مداخلت نه ڪري رهيا آهيون جنهن تي چيف جسٽس چيو ته پوءِ  توهان ٻاهر وڃو ۽ ٻاھر وڃي احتجاج ڪريو

چيف جسٽس ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته هي عدالت جي ڪارروائي ۾ مداخلت ڪرڻ جي برابر آهي

سنڌ ھاءِ ڪورٽ بار جي صدر سليم مڱريو چيو ته اسان ٽي ڀيرا توھان سان چيمبر ۾ ملياسين اسان جو مسئلو حل ناھي ٿي سگھيو

چيف جسٽس سنڌ ھاءِ ڪورٽ  چيو ته توھان کي ٻڌنداسين پر مداخلت برداشت نه ڪنداسين

چيف جسٽس چيو ته اهو رويو درست ناهي، جيڪڏهن توهان صحيح طريقي سان اچو ته ٻڌندس

چيف جسٽس چيو ته مسٽر سليم منڱريو اهو سڀ بند ڪيو

چيف جسٽس چيو ته مسٽر نعيم قريشي توهان هي سڀ هتي ڏسي رهيا آهيو؟ توهان چيمبر ۾ اچو، آئون توهان کي ٻڌان ٿو، پر هتان ھليا وڃو جنهن بعد وڪيل چيف جسٽس جي ڪمري مان نڪري ويا

جڏهن ته جسٽس نعمت الله ڦلپوٽو ۽ جسٽس شمس الدين عباسي گم ٿيل ماڻهن جي ڪيس جي ٻڌڻي ڪري رهيا هئا ته ان دوران به وڪيل اڳواڻ عدالتي ڪمري ۾ پهچي ويا

وڪيلن چيو ته عدالتن ۾ هڙتال جو سڏ ڏنو ويو آهي، ٻڌڻي ملتوي ڪئي وڃي

جسٽس نعمت الله ڦلپوٽو چيو ته اسين فوري طور عدالت ڇڏي نه وينداسين، ڪجھه ضروري ڪيسن ھلائڻا آھن

Leave A Comment