اسان جي پاليسي جاري رهي ها ته اڄ ڊالر 40 روپين جو هجي ها:نواز شريف
نومبر 16, 2023
لاهور:نون ليگ جي قائد ميان نواز شريف چيو آهي ته اسان جي پاليسي جاري رهي ها ته اڄ ڊالر 40 يا 50 روپين جو هجي ها، اسان چئن سالن تائين ڊالر کي 104 روپين تائين ٻڌي رکيو، اسان جي پاليسين کي اختيار ڪري ڀارت معاشي ترقي ڪئي
لاهور چيمبر آف ڪامرس جي عهديدارن کي خطاب دوران نواز شريف چيو ته عوام کي مهانگائي ۽ غربت مان ڇوٽڪارو ڏيارڻ اسان جو فرض آهي
هن چيو ته اسان ئي پاڪستان کي پرامن بڻايو هو ۽ ڪراچي ۾ امن ڪرايو هو
هن چيو ته مون ايٽمي ڌماڪا ڪرايا ته اسلامي ملڪ پاڪستان کي پنهنجو محافظ سمجهڻ لڳا، اڄ حالت اها آهي ته اسان هڪ هڪ ارب ڊالر لاءِ محتاج ٿي ويا آهيون، اها ڪهاڙي اسان پاڻ پنهنجن پيرن تي هنئي آهي