مٺي(رپورٽر) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو چيو آهي ته ”باپ“ پيپلزپارٽي لاءِ خراب هو ته نون ليگ لاءِ به سٺو نه هجڻ گهرجي، نون ليگ کي ڪنهن اداري تي ڀاڙڻ بدران پنهنجي جماعت تي ڀروسو ڪرڻ گهرجي، نواز شريف کي هڪ اڌ سيٽ لاءِ ٻين صوبن ۾ وڃڻ بدران پنجاب تي ڌيان ڏيڻ گهرجي
مٺي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي بلاول ڀٽو چيو ته جن ماڻهن وفاقي حڪومت ۾ هوندي ننڍيون چونڊون هارايون اهي اسان کي ڇا سرپرائيز ڏيندا، هيءَ پهرين اليڪشن هوندي جنهن ۾ پيپلزپارٽي جو ڪنهن به اداري سان جهيڙو ناهي
سندس چوڻ هو ته پيپلزپارٽي کي ڪنهن به اليڪشن ۾ ليول پليئنگ فيلڊ نه ملي آهي، هاڻي به فيلڊ تيار ڪئي پئي وڃي، پر پيپلزپارٽي هر پچ تي کيڏڻ لاءِ مڪمل طور تيار آهي
بلاول ڀٽو زرداري چيو ته مهانگائي جي ڪري ماڻهو خودڪشيون پيا ڪن، اسان جي سياست لاءِ اها شرم جهڙي ڳالهه آهي، اميد ئي نظر نه ٿي اچي ته پاڪستان جون مشڪلات ڪڏهن ختم ٿينديون
هن چيو ته وفاقي ڪابينا ۾ 15 مهينن تائين ويهڻ دوران احساس ٿيو ته اسلام آباد ۽ عوام ۾ وڏو فاصلو آهي، نگران حڪومت ترقياتي ڪمن ۾ رنڊڪ وجهڻ بدران سهولتون فراهم ڪري، سنڌ ۾ آر او پلانٽس جو منصوبو وفاق ۽ سنڌ ۾ تڪرار سبب سست رفتاريءَ جي ور چڙهي ويو