اسان جي گواهن کي ڌمڪيون ملي رهيون آهن: ام رباب چانڊيو
آڪٽوبر 28, 2023
دادو جي عدالت ۾ ميهڙ جي ٽيڻي قتل ڪيس جي ٻڌڻي دوران فريادي ڌر جو گواهه منظور چانڊيو آڏي پڇا دوران بيهوش ٿي ڪري پيو، ڊسپينسر کي گهرائي گواهه کي طبي امداد ڏني وئي
عدالت ٻڌڻي 4 نومبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي، ام رباب چيو ته مان سالن کان چوندي پئي اچان ته اسان جي گواهن کي ڌمڪيون ملي رهيون آهن، مٿن زبردست دٻاءُ آهي، اسان جي گواهه کي ڀوتارن پاران ٻارن ٻچن سوڌو قتل ڪرڻ جون ڌمڪيون مليون آهن، سردارن کي ٻڌائڻ ٿي چاهيان ته اسان ڪنهن کان ڊڄڻ وارا نه آهيون