اسان صرف الله جا غلام آهيون ڪنهن ٻئي جا نه: جسٽس فائز آڊيو ليڪس ڪميشن جي ڪارروائي روڪي ڇڏي

مَي 27, 2023

اسلام آباد (پنهنجي ڊيسڪ) آڊيو ليڪس بابت جوڊيشل ڪميشن وڌيڪ ڪارروائي روڪي ڇڏي، ڪميشن جي سربراهه جسٽس فائز عيسيٰ رمارڪس ڏنا ته اسان صرف الله جا غلام آهيون ڪنهن ٻئي جا نه

 جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهي ۾ 3 رڪني ڪميشن ٻڌڻي ڪئي اٽارني جنرل منصور عثمان ڪميشن ۾ پيش ٿيو آهي ۽ گذريل ڏينهن وارو عدالتي حڪم پڙهي ٻڌايو

هي به پڙهندا

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ رمارڪس ڏنا ته انڪوائري ڪميشن کي ٻڌڻي کان اڳ نوٽيس نه هو ته ڪم کان ڪيئن روڪيو ويو؟ سپريم ڪورٽ رولز موجب ڌرين کي ٻڌي ڪري ان کانپوءِ ڪوئي حڪم جاري ڪرڻو هو

جسٽس فائز اٽارني جنرل کي چيو ته اوهان ڇو ڪالهه عدالتي ڪمري ۾ هئا؟ نوٽيس ڏنو ويو هو يا ائين ئي ويٺا هئا؟

اٽارني جنرل ٻڌايو ته مون کي زباني ٻڌايو ويو هو ته اوهان عدالت ۾ پيش ٿيو

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو ته ڪميشن کي حڪمنامي جي ڪاپي ڏني وڃي سپريم ڪورٽ انڪوائري ڪميشن جي حوالي سان ڪوئي حڪم جاري ڪيو آهي؟

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو ته ٿورو گهڻو آئين آئون به ڄاڻڻ چاهيان ٿو  ڪميشن معاملي ۾ ڌر هئي ان کي نوٽيس ڇو نه ڏنو ويو؟ اڃا اهو مرحلو ئي ناهي نه ئي اسان اهو ڪري رهيا هئاسين

جسٽس فائز چيو ته هڪ شاهد هن وقت عدالت ۾ موجود آهي

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ عبدالقيوم صديقي کي روسٽرم تي گهرائي ورتو ۽ پڇا ڪئي ته اوهان جو نالو ڇا آهي؟ عبدالقيوم صديقي جواب ڏنو ته منهنجو نالو عبدالقيوم صديقي آهي

جنهن کانپوءِ جوڊيشل ڪميشن وڌيڪ ڪارروائي روڪي ڇڏي ۽ جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو ته اسان ڪميشن جي وڌيڪ ڪارروائي نه ڪري رهيا آهيون

اسان اڄ جي ڪارروائي جو حڪم نامو جاري ڪنداسين

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ اجلاس دوران اٽارني جنرل کي جج جو حلف پڙهڻ جي هدايت ڪئي

جسٽس فائز چيو ته حلف ۾ لکيل آهي ته فرض آئين ۽ قانون تحت ادا ڪندس انڪوائري ڪميشن هڪ قانون تحت ٺهي آهي ڪميشن آف انڪوائري ايڪٽ تحت ڪميشن ٺاهي وئي

جسٽس فائز عيسيٰ چيو ته اسان صرف الله جا غلام آهيون ڪنهن ٻئي جا نه،

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهي ۾ جوڙيل ڪميشن ۾ اسلام آباد ۽ بلوچستان جا چيف جسٽسز عامر فاروق ۽ نعيم افغان ڪميشن جو حصو آهن

واضح رهي ته سپريم ڪورٽ جي 5 رڪني لارجر بينچ جوڊيشل ڪميشن کي ڪم کان روڪيو هو

لاڳاپيل پوسٽون

  • ايران جو صبح سوير اسرائيل تي وڏو حملو ، 100 کان وڌيڪ ميزائل فائر، 14 اسرائيلي مارجي ويا ۽ 380 زخمي ٿيا

  • ساڍا 4 سئو پاڪستاني وطن واپس

  • ايران جو وڏو جواب، اسرائيل مٿان 50 ميزائل فائر

  • ڀارت، پاڻيءَ کي هٿيار طور استعمال ڪري پيو: بلاول