اسان عمران حڪومت جو تختو اونڌو ڪيو، ٻين تي الزام نه هڻو: فضل الرحمان

جُون 18, 2023

ڊيرا اسماعيل خان (م ڊ) پي ڊي ايم صدر مولانا فضل الرحمان پي ٽي آءِ چيئرمين جو نالو وٺڻ بنا چيو آهي ته تنهنجو تختو اسان اونڌو ڪيو آهي

ٻئي ڪنهن تي الزام نه هڻ. ڊيرا اسماعيل خان ۾ جلسي کي خطاب ڪندي مولانا فضل الرحمان چيو ته اسان تنهنجي خلاف پهرين ڏينهن جيڪو آواز اٿاريو اهو صحيح ثابت ٿيو

 اسرائيل جا ايجنٽ توهان جي حمايت ڪري رهيا آهن. مون پريس ڪانفرنس ۾ انهن جا نالا به ڏنا هئا. فضل الرحمان چيو ته اسان گذريل حڪومت جي ڏاڍ جو ڄمي مقابلو ڪيو

 هڪ شخص ترقي ۽ تعمير جو رستو روڪيو. هڪ ماڻهو احتجاج جي نالي تي حساس جاين تي حملا ڪيا. جناح هائوس تي حملو ڪيو ويو. اسان احتجاج ڪيو ته سپريم ڪورٽ جي هڪ ڪونڊي به نه ٽُٽي

هنن قومي ادارن تي حملا ڪيا. فضل الرحمان وڌيڪ چيو ته اسان هنن جو تختو اونڌ ڪيو، ان لاءِ پارليامينٽ جو رستو اختيار ڪيو. اسان توهان جي حقيقت سڄي دنيا ک ٻڌائي ڇڏي. اسان تاريخي وڏا وڏا جلسا ڪيا

Leave A Comment