اسان فوج جي پاسي آهيون: حڪومتي پاليسين سبب ماڻهو ڪڻڪ نه پوکيندا: پاڳارو    

اسان فوج جي پاسي آهيون: حڪومتي پاليسين سبب ماڻهو ڪڻڪ نه پوکيندا: پاڳارو    

دوڙ/ منهڙو/ ڄام صاحب/ درياهه خان مري (نمائندن وٽان) حرن جي روحاني پيشوا پير سائين پاڳاري چيو آهي ته سياسي پارٽيون مخالف ڌر ۾ هجڻ وقت فوج خلاف هونديون آهن، اهي جڏهن حڪومت ۾ اچن ٿيون ته انهن لاءِ فوج چڱي ٿي وڃي ٿي،ڪهڙي به موسم هجي، سردي هجي يا گرمي؟ حڪومتون اينديون وينديون آهن اسان جو ڪنهن حڪومت سان نه پر فوج سان واسطو آهي، دهشتگردي کي فوج منهن ڏئي رهي آهي، ڪا به مصيبت اچي ٿي ته فوج منهن ڏئي ٿي، اسان جي عزت پاڪستان جي ڪري آهي، فوج ئي فيڊريشن ( وفاق)  کي بچائي ويٺل آهي، الله تعاليٰ اسان جي فوج کي توفيق عطاءَ فرمائي، ڪالهه  روحاني سفر دوران مختلف شهرن ۾ خطاب ڪندي هن چيو ته حڪومت جي زراعت جي حوالي سان پاليسي چڱي نه رهي آهي، مون پنهنجي دوري دوران ڏٺو آهي ته گھڻيون زمينون سم ۽ ڪلر جي ور چڙھي ويون آهن،  ماڻهو هاڻي رڳو پنهنجي کائڻ لاءِ ڪڻڪ جي پوکي ڪري رهيا آهن، آئون سمجهان ٿو ته 40 سيڪڙو ماڻهو ڪڻڪ جي پوکي ڪرڻ ڇڏي ڏيندا، دنيا ۾ موسمي تبديليون ھلن پيون ، اسان وٽ به  موسم مٽجي وئي  آهي، خبر ناھي ته برساتون پونديون يا نه پونديون؟  فصل سٺا ٿين يا نه ٿين ؟  ڪڏهن وري فصلن جي صحيح ريٽ  نٿو ملي،  تنهنڪري ماڻهو چوپايو مال پالين، جنهن وٽ چوپايو مال هوندو، اهي سکيا هوندا.هن چيو ته آئون پاڻ سان گڏ پنهنجون نياڻيون وٺي آيو آهيان ، توھان به پنهنجي نياڻين کي اعليٰ تعليم ڏياريو، نياڻي پڙھيل ھوندي ته پنھنجن ٻارڙن جي سٺي پرورش ڪندي  پاڙي وارن جو خيال رکو، پاڙي وارو غمي خوشي ۾ اوھان سان ھر وقت گڏ ھوندو، نماز جي پابندي ڪريو، درود پاڪ جو ورد وڌ کان  وڌ ڪريو