| اسان لاءِ نظام رڪجي ويو آهي، قوم جي ٻارن تي رحم ڪريو، حالتن جي تبديلي لاءِ ملاقات جي خيرات گهران ٿو: بئريسٽر گوهر |
راولپنڊي(مانيٽرنگ ڊيسڪ) پي ٽي آءِ چيئرمين بيريسٽر گوهر چيو آهي ته اسان لاءِ نظام رڪجي ويو آهي، قوم جي ٻارن تي رحم ڪريو، حالتن جي تبديلي لاءِ ملاقات جي خيرات گهران ٿو. اڊيالا جيل ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي پي ٽي آءِ چيئرمين چيو ته لڳي ٿو 2026 به سزائن جو سال هوندو، تحريڪ پنهنجي جاءِ تي ڳالهيون ٿيڻ گهرجن، ڳالهين کانسواءِ ڪوبه رستو ناهي. هن چيو ته هر اڱاري تي اڊيالا جيل اچون ٿا، سڄو ڏينهن انتظار ڪرڻ بعد واپس هليا وڃو ٿا پر افسوس باني پي ٽي آءِ سان ملاقات جي اجازت نٿي ڏني وڃي، پي ٽي آءِ چيئرمين چيو ته 2025 گذري چڪو هاڻ حالتون تبديل ٿيڻ گهرجن،صاحِب اقتدار کي درخواست ڪريان ٿو حالتن جي نوعيت کي نظر ۾ رکندي دل وڏي ڪريو. هن چيو ته ملاقات لاءِ خيرات گهرڻ ۾ ٻين سان گڏ پنهنجن جو به هٿ آهي، وڏي وزير سهيل آفريدي جي لاهور واري دوري ۾ پارٽي جي مشاورت شامل نه هئي . هن چيو ته تحريڪ ڀلي ڪهڙي به شدت سان هلي، باني پي ٽي آءِ ڳالهين جو اختيار محمود خان اچڪزئي ۽ علامه ناصر عباس کي ڏنو آهي. بيريسٽر گوهر چيو ته باني پي ٽي آءِ سان ملاقات جي اجازت ڏني وڃي، اسان جون اڳ به ملاقاتون ٿينديون رهيون اوچتو ڇو رڪاوٽ وڌي وئي. جيڪي حالتون آهن، ڳالهيون ايئن نه پيون ٿين، باني پي ٽي آءِ سان ملاقات ڪرائڻ سان ڳالهين لاءِ ماحول ٺهندو