اسان مردن کي مشين بڻائي ڇڏيو آهي: متيرا

اسان مردن کي مشين بڻائي ڇڏيو آهي: متيرا

لاهور (ڪلچرل ڊيسڪ) پاڪستان جي ٽي وي شوز جي ميزبان متيرا چيو آهي ته ”اسان مردن کي مشين بڻائي ڇڏيو آهي.“ تازي انٽرويو ۾ هن چيو ته اسان جي معاشري ۾ مردن سان وڏي زيادتي ٿئي ٿي. مون کي ائين لڳندو آهي ته جيڪڏهن ڪا عورت ڪنهن مرد کي چوي ته ’مون کي هٿ ڪيئن لاٿو؟‘ ته ماڻهو انهي کي مارڻ لاءِ پهچي ويندا، ماڻهو اهو به نه پڇندا ته توهان کي هٿ لاٿو به ويو آهي يا نه؟ هن چيو ته اسان پنهنجي مردن کي مشين بڻائي ڇڏيو آهي، اسان انهن مٿان  رڳو ذميواريون وجھندا رهون ٿا، جن جي دٻاءُ ۾ ايترو ختم ٿي ويندو آهي جو هو نه سٺو پيءُ، نه سٺو ڀاءُ ۽ نه ئي سٺو مڙس بڻجي سگهندو آهي، ۽ پوءِ هو سڀني لاءِ خراب بڻجي ويندو آهي. متيرا جو چوڻ هو ته اسان جي معاشري ۾ ڪيترائي مرد ڊپريشن جو شڪار آهن پر  اهي پنهنجا احساس ڪنهن کي ڏيکاري نه ٿا سگهن، هو پنهنجن دوستن ۾ ويھي به اهو نٿو چئي سگهي ته ”اڄ  دل ڏاڍي ڏکي رهي آهي.“