اسان وٽ هرڪو اداڪار رومانوي هيرو بڻجڻ ٿو چاهي: شان

اسان وٽ هرڪو اداڪار رومانوي هيرو بڻجڻ ٿو چاهي: شان

لاهور (ڪلچرل  ڊيسڪ) لالي وڊ جي سينيئر اداڪار شان چيو آهي ته پنجابي فلم ۾ ڪم ڪرڻ سندس لاءِ وڏو چيلنج هو. پنهنجي نئين فلم ”بلها“ جي مشهوري مهم ۾ رڌل شان تازو  هڪ خانگي ٽي وي جي پروگرام ۾ پنهنجي فلم سميت انڊسٽري بابت تفصيلي ويچار ونڊيا. شان شاهد چيو ته ساڳئي قسم جون فلمون نه هئڻ گهرجن، اسان وٽ  بدقسمتي سان وڏو توڙي ننڍو اداڪار رومانوي هيرو بڻجڻ چاهي ٿو. هن چيو ته جيستائين اداڪار پاڻ کي ورسٽائل نٿو بڻائي، تيستائين هن لاءِ اسڪرپٽ به محدود رهندو آهي.هن چيو ته جڏهن هو آمريڪا کان پاڪستان آيو ته سندس  لاءِ سڀ کان وڏو چئلنج اهو هو ته پنجابي فلم ڪيئن ڪرڻي آهي؟ مون کي لڳو ته منهنجي ڪا کوٽ آهي، مون کي پنجابي سکڻي آهي.هن چيوته جڏهن هو پنجابي ماڻهن سان رهيو ته کيس خبر پئي ته پنجاب ڇا آهي، سندن رهڻي ڪهڻي ۽ اٿڻ ويهڻ ڪيئن آهي؟اداڪار موجب پنجابي ٻولي لفظي طور ڳالهائڻ ته سولي آهي پر جسماني طور انهي جو اظهار ڪيئن ڪجي؟ مون اهو سڀ ڪجهه  سکيو.