اسان چاهيو پي ته ڀارتي رانديگر اننگز ڊڪليئريشن جي لاءِ روئن: درخواست ڪن: شڪري ڪونراڊ

  اسان چاهيو پي ته ڀارتي رانديگر اننگز ڊڪليئريشن جي لاءِ روئن: درخواست ڪن: شڪري ڪونراڊ

گوهاٽي(اسپورٽس نيوز) اسان چاهيو پي ته ڀارتي رانديگر اسان کان اننگز ڊڪليئريشن جي درخواست ڪن، اسان جي سامهون روئن ته جيئن انهن کي ميچ کٽڻ جو ڪو موقعو نه ملي آفريڪا جي ڪوچ جون ميڊيا سان ڳالهيون، ڏکڻ آفريڪا نه رڳو ڀارت کي پنهنجي سرزمين تي 0-2 سان وائيٽ واش ڪيو پر 25 سالن کان پوءِ سيريز به کٽي ورتي،گوهاٽي ٽيسٽ جي چوٿين ڏينهن ڏکڻ آفريڪا هندستان کي غير معمولي دير سان بيٽنگ لاءِ موڪلڻ جي حڪمت عملي اختيار ڪئي.ميچ کٽڻ کان پوءِ ڏکڻ آفريڪا جي هيڊ ڪوچ شڪري ڪونراڊ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اسان ڀارتي فيلڊرز کي ٿڪائڻ پي چاهيو،.پريس ڪانفرنس دوران هڪ صحافي ڪونراڊ کان پڇيو، “توهان اننگز دير سان ڇو ڊڪليئر ڪئي؟”جواب ۾ ڏکڻ آفريڪا جي هيڊ ڪوچ شڪري ڪونراڊ چيو، “اسان چاهيو پي ته ڀارتي رانديگر اسان کان ڊڪليئريشن جي درخواست ڪن، اسان جي سامهون روئن ته جيئن انهن کي ميچ کٽڻ جو ڪو موقعو نه ملي.”هن واضح ڪيو ته انهن جو مقصد صرف هڪ محفوظ برتري قائم ڪرڻ نه پر مخالف ٽيم تي دٻاءُ وڌائڻ پڻ هو. ڏکڻ آفريقي ٽيم ڄاڻي واڻي ڪري بيٽنگ کي ڇڪيو ته جيئن هندستاني بالرن کي وڌيڪ ٿڪائي سگهجي ۽ انهن کي گوڏن ڀر ڪرڻ تي مجبور ڪري سگهجي