اسان ڌاڙيلن کي چيو ماري ڇڏيو، اوهان آڏو نه جهڪنداسين: ايس ايڇ او

آڪٽوبر 17, 2023

شڪارپور(رپورٽر) بازياب ڪرايل ايس ايڇ او محبوب بروهي چيو آهي ته ڌاڙيلن ٿاڻي تي حملو ڪري يرغمال بڻايو، هٿياربندن موٽرسائيڪلز تي کڻي جهنگ ۾ باندي بڻايو، ڏوهارين اسان تي ڪو به تشدد نه ڪيو

ڪوٽ شاهو ٿاڻي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي ايس ايڇ او محبوب بروهي چيو ته ڌاڙيلن چيو ته پنهنجن آفيسرز سان ڳالهايو ته اسان جا گرفتار ڪيل ماڻهو آزاد ڪن

هن ٻڌايو ته اسان کين چيو ته ماري ڇڏيو پر اوهان آڏو نه جهڪنداسين، اسان جا حوصلا بلند آهن، اوهان جي دڙڪن ۽ داٻن ۾ نه اينداسين

Leave A Comment