| اسان کي نظر انداز ڪيو ويو، 27هين ترميم رد ڪريون ٿا، ن ليگ مان غلامي ختم ناهي ٿي: فضل الرحمان |
اسلام آباد (بيورو رپورٽ) جي يو آءِ ف سربراهه 27هين ترميم کي رد ڪري ڇڏيو، مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته 27هين ترميم ۾ اسان کي نظرانداز ڪيو ويو، ان کي مڪمل طور رد ڪريون ٿا، 27هين ترميم سان نه دستور ۾ بهتري ايندي ۽ نه ئي عوامي مفادن جون گهرجون پوريون ٿينديون، اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي جي يو آءِ سربراهه چيو ته عدليه بابت 26هين ترميم اڃا عدالت ۾ آهي، مٿان نئين ترميم آندي وئي، 27هين ترميم ۾ اهڙا مونجهارا آهن جو عدالت به سمجهي نٿي سگهي، سندس چوڻ هو ته هن ترميم کانپوءِ حڪومت جي عوامي مقبوليت گهٽجي وئي آهي، پيپلز پارٽي به جمهوريت خلاف پنهنجو ڪردار ادا ڪيو، فضل الرحمان چيو ته 27هين ترميم جي منظوري لاءِ جبري طور پارٽي مان ماڻهن کي ٽوڙيو ۽ جعلي انگ پورو ڪيو ويو، اهو سڀ ڪجهه پارليامينٽ ۽ جمهوري قدرن خلاف ٿيو آهي. هن چيو ته اسان جو مطالبو آهي ته فيڊرل شريعت ڪورٽ ۽ سپريم شريعت اپيلٽ بينچ کي فعال بڻايو وڃي. وفاقي شرعي عدالت هن وقت اڻپوري ۽ غير فعال آهي، ٻن ججن جي علما جي صورت ۾ نامزد نه پئي ڪئي وڃي. جيڪڏهن ڪنهن ڪيس جو تعلق شرعي ۽ آئيني معاملن سان هجي، ته ان جي اپيل ڪٿي ڪئي وڃي.