اسان کي ڪير به ڀِت سان نه پيو لڳائي، آصف زرداري ليول پليئنگ فيلڊ جي معاملي تي ڪم ڪندو: بلاول ڀٽو زرداري

سيپٽمبر 18, 2023

اوڪاڙا(پنهنجي ڊيسڪ)پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته اسان کي ڪير به ڀِت سان نه پيو لڳائي، آصف زرداري ليول پليئنگ فيلڊ جي معاملي تي ڪم ڪندو

اوڪاڙا ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته اليڪشن شيڊول اچڻ کانپوءِ ئي چوند اتحاد تي ڳالهائي سگهجي ٿو، اليڪشن ڪميشن کي درخواست آهي ته چونڊن جي تاريخ ڏئي

سندس چوڻ هو ته جسٽس قاضي فائز عيسيٰ پاران گهرواري سان گڏ حلف کڻڻ پاور فُل ميسيج هو، اُن لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪريون ٿا، عدليه کي عوام جو اعتماد بحال ڪرڻو آهي، آئين کانسواءِ ڪو پيج هوندو ته اسان اُن تي نه هونداسين

 بلاول ڀٽو چيو ته نواز ليگ کي راجا رياض ۽ راجا رياض کي نواز ليگ مبارڪ هجي، اسان سندس لاءِ نيڪ خواهشن جو اطهار ئي ڪري سگهون ٿا

هن چيو ته پيپلز پارٽي جون پاڙون عوام ۾ کتل آهي ڪير به انکي ختم نٿو ڪري سگهي اسان هميشه عوام جي طاقت سان ئي اقتدار ۾ آيا آهيون هاڻ به عوام جي ووٽ سان ئي ڪامياب ٿي اقتدار ۾ اينداسين

Leave A Comment