اسان کي 18 ترميم باوجود اختيار ناهن مليا: ميڊيڪل ۾ بنا ايم ڊي ڪيٽ داخلا ملڻ کپي: پيچوهو

نومبر 21, 2024

ڪراچي (ڳالهه ٻولهه : فقير سليم) سنڌ جي صحت ۽ پاپوليشن کاتن جي وزير ڊاڪٽر عذرا فضل پيچوھو چيو آهي ته 18 هين ترميم کانپوءِ به سنڌ صحت کاتي کي سمورا اختيار اڃا ناھن مليا،  ڊاڪٽرن جي رجسٽريشن وفاق وٽ آھي،  اسان چاھيون ٿا ته نرسنگ ڪائونسل توڙي ڊاڪٽرن جي رجسٽريشن  بابت سنڌ جي الڳ ڪائونسل جوڙيون، پنهنجي اخبار سان خاص ڳالهه ٻولهه ڪندي هن چيو ته  آئون ايم ڊي ڪيٽ جي حق ۾ به آھيان ۽ مخالف به آھيان،اسان جي زماني ۾  ايم ڊي ڪيٽ نه ھئي،  ايم ڊي ڪيٽ کانسواءِ ئي شاگردن کي ميڊيڪل ۾ وڌ ۾ وڌ داخلا ملڻ گھرجي ته جيئن اھي ڊاڪٽر ٿي سگهن ، هن چيو ته  سنڌ ۾ ڊاڪٽرن جي کوٽ نه ھئي پر ھاڻي ٿي آھي، اسان جا  ڊاڪٽر ٻين ملڪن ڏانهن وڃن ٿا،  سنڌ جا اڪثر ڊاڪٽر پنهنجن خانگي اسپتالن کي ٽائيم ڏين ٿا، اهي اتان وڌيڪ ڪمائين ٿا،  ھن انڪشاف ڪيو ته سنڌ ۾ لاڙڪاڻي کانسواءِ ٻين ضلعن ۾ به ايڊز آھي پر ماڻهو ٽيسٽ ئي نٿا ڪرائين، ماڻهن کي ٽيسٽ ڪرائڻ گھرجي، صحت کاتو سندن مرض کي ڳجھو رکي علاج ۾ مدد ڪندو،  جيڪڏهن اهي ٽيسٽ نه ڪرائيندا ته موت جي منهن ۾ ويندا،   ھن چيو ته سنڌ حڪومت جي تعليم کانپوءِ صحت کاتي جي ٻي وڏي بجيٽ آھي، اسان وٽ اسپتالن ۾ دوائن لاءِ ڪا الڳ بجيٽ ناھي ھوندي، اسان سمورين اسپتالن لاءِ جاري ٿيندڙ بجيٽ مان ئي دوائون خريد ڪندا آھيون، اسپتالن کي  لوڪل پرچيز جا اختيار به ھوندا آھن، هن چيو ته    سنڌ جي پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ تحت ھلندڙ سرڪاري اسپتالن جي ڪارڪردگي ڏاڍي سٺي آھي، اھي ضرورت مطابق ڊاڪٽر رکي به سگهن ٿا ۽ ڪارڪردگي سٺي نه ھجڻ تي کين برطرف به ڪري  سگھن ٿا، سنڌ حڪومت کي ڊاڪٽر پبلڪ سروس ڪميشن ذريعي ڀرتي ڪرڻا پوندا آھن، جنهن ۾ سالن جا سال به لڳي ٿا وڃن، اسان ڪنهن کي خراب ڪارڪردگي تي برطرف ڪريون ٿا ته انھي لاءِ به ھڪ مرحلو آھي، اهڙا ماڻهو عدالتن ۾ وڃن ٿا،  هن چيو ته صحت کاتي ۾ اسٽاف جي کوٽ هوندي ماڻهن کي صحت جون سھولتون فراھم ڪريون پيا، ھن چيو ته صحت کاتي ۾ پئسن عيوض مقررين ۽ بدلين وارين ڳالهين ۾ ڪا صداقت ناھي،  مون  مقررين ۽ بدلين تي پابندي ھڻي ڇڏي آھي، خاص طور حيدرآباد ۽ ڪراچي ڏانهن ڪا به بدلي نٿي ڪريان.

مرد عورتن کي وقفي ۽ ٻار بند ڪرڻ جي اجازت نٿا ڏين: پيچوهو

ڪراچي : صوبائي وزير ڊاڪٽر عذرا پيچوهو چيو آهي ته  آبادي (پاپوليشن) وڌڻ جو سبب مردن جي مرضي ھلڻ آھي، عورتون ٻارن جي پيدائش بابت فيصلو ڪرڻ جو اختيار نٿيون رکن، جڏهن ته   مرد عورتن جي راءِ کي اھميت نٿا ڏين ،  اسان وٽ آبادي تي ضابطي لاءِ گھربل اپاءُ فراھم ڪرڻ جو سمورو طريقيڪار موجود آھي پر مرد عورتن کي وقفي توڙي ٻار بند ڪرڻ جي اجازت نٿا ڏين ، سماج ۾ آگاھي جي سخت ضرورت آھي.

ميڊيڪو ليگل وارن ڊاڪٽرن  لاءِ الڳ الائونس رکبو: وزير صحت

ڪراچي : صحت واري وزير چيو ته صحت کاتي پاران ميڊيڪو ليگل واري شعبي لاءِ ڊاڪٽرن جون الڳ پوسٽون رکي ٽيسٽ ورتي وئي پر صرف 12 ڊاڪٽر ڀرتي ٿيا، اسان جا ڊاڪٽر ميڊيڪو ليگل طرف  نٿا اچن، اسان انھن جي عدالتن ۾ پيش ٿيڻ لاءِ الڳ الائونس رکون پيا.

پيپر آئوٽ ڪرڻ ۾ ڪو وي سي ملوث ٿي نٿو سگهي: وزير صحت

ڪراچي : سنڌ جي صحت واري وزير ڊاڪٽر عذرا فضل پيچوھو چيو آهي ته ايم ڊي ڪيٽ جي پيپر ۾ سوين ماڻهو شامل ھجن ٿا، اهو اتان آئوٽ ٿئي ٿو ـ ڪنهن  ھڪ ماڻهو کي ڏوھاري ثابت ڪرڻ ڏکيو آھي، باقي ڪنهن به يونيورسٽي جو وي سي ملوث ٿي نٿو گهي، وي سي پنهنجي اداري جي بدنامي ڇو چاھيندا؟  انھي ڪري ڪنهن به يونيورسٽي جي وي سي خلاف ڪا ڪارروائي ناھي ٿي.

Leave A Comment