اسان ڪنهن به آءِ جَي آءِ جو حصو نه بڻجنداسين، تير جي نشان تي اليڪشن وڙهنداسين ۽ اليڪشن کٽنداسين: بلاول ڀٽو زرداري

نومبر 18, 2023

اسان ڪنهن به آءِ جَي آءِ جو حصو نه بڻجنداسين، تير جي نشان تي اليڪشن وڙهنداسين ۽ اليڪشن کٽنداسين، هاڻي به جيڪڏهن ڪير ٻئي ڪنهن کي وزيراعظم بڻائڻ چاهي ٿو ته اسان مقابلو ڪنداسين، هڪ جماعت مهانگائي ليگ بڻجي چڪي آهي، ووٽ کي عزت ڏيو جا نعرا لڳائيندڙن جو چهرو وائکو ٿي چڪو آهي: بلاول ڀٽو زرداري جو پشاور ۾ پيپلزپارٽي جي ورڪرز ڪنونشن کي خطاب، بلاول چيو ته پيپلزپارٽي کي 1988 ۽ 2008 ۾ به ليول پليئنگ فيلڊ نه ملي هئي، جنگ جو ميدان سجڻ وارو آهي، اليڪشن جو ميدان سجڻ وارو آهي، عوام پراڻن سياستدانن مان بيزار ٿي چڪو آهي، 70 سالن جي عمر سياست ڪرڻ جي نه آهي، نوجوان نه ٿا چاهين ته 70 سالن جي عمر جو ماڻهو سياست ڪري، اسان نئين سياست آڻينداسين

Leave A Comment