| غوثپور ۾ تڪرار جو جرڳو: 7 خون ثابت: 5 ڪروڙ، 37 لک ڏنڊ |
| استادن جي تربيتي ادارن کي فعال ڪرڻ جو فيصلو |
غوثپور (ن پ ا)غوثپور ويجھو جاگيراڻي برادري جي ٻن ڌرين ۾ ھلندڙ خوني تڪرار جو جرڳو ڳوٺ دڙي سندراڻي ۾ عابد سندراڻي جي سرپئنچي هيٺ ٿيو،ڌرين مٿان، 7 خون ثابت، 5 ڪروڙ، 37 لک ڏنڊ مقرر، روھڙي جي دبر واري علائقي ۾ جاگيراڻي برادري جي سومر ڄاڃاڻي جاگيراڻي ۽ حادي بخش کورماڻي جاگيراڻي جي ٻن ڌرين وچ ۾ ھلندڙ تڪرار جو جرڳو غوثپور ڀرسان ڳوٺ دڙي سندراڻي ۾ عابد سندراڻي جي سرپئنچي هيٺ ٿيو، جرڳي ۾ ڌرين جا الڳ الڳ بيان ٻڌا ويا، جنھن ۾ سومر کورماڻي جاگيراڻي واري ڌر تي 2 خون ثابت ٿيڻ تي 2 ڪروڙ 87 لک ڏنڊ وڌو ويو، جڏھن ته حادي بخش ڄاڃاڻي واري ڌر تي 5 خون ثابت ٿيڻ ۽ زخمين جو مٿن اڍائي ڪروڙ ڏنڊ وڌو ويو،مجموعي طور تي ٻنھي ڌرين مٿان پنج ڪروڙ ستٽيھه لک رپيا ڏنڊ طور مقرر ڪيا ويا. فيصلي ۾ في خون جي بها پنجويھ لک مقرر ڪئي وئي، فيصلي جي ڀڃڪڙي يا ٻيھر اڳرائي ڪندڙ ڌر مٿان 2 ڪروڙ ڏنڊ رکڻ رکيو ويندو.