| استادن جي پگھارن ۽ ڊگرين جي پڙتال ۾ دير ڇو؟ 17 ڊائريڪٽرن ۽ ڊي اي اوز کي شوڪاز |
ڪراچي (رپورٽ: شاهد ميراڻي) سنڌ ۾ تازو ڀرتي ٿيل استادن جي پگھارن ۽ ڊگرين جي پڙتال ۾ دير ڇو؟ 17 ڊائريڪٽرن ۽ ڊي اي اوز کي شوڪاز جاري لاڙڪاڻي، سکر ۽ شهيد بينظيرآباد جي ڊائريڪٽرن سميت گھوٽڪي، سکر، ڪشمور، لاڙڪاڻي، خيرپور، جيڪب آباد، سانگھڙ ۽ نوشهروفيروز ضلعن جي ڊي اِي اوز کي شوڪاز نوٽيس جاري، تازو ڀرتي ٿيل استادن جي پگھارن ۾ دير ۾ سندن ڊگرين جي تصديق ڪرائڻ وارو عمل مڪمل نه ٿيڻ تي تعليم واري وزير جي هدايتن تي لاڳاپيل اختيارين پاران ڊي اِي اوز ۽ ڊائريڪٽرن کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪندي ٽن ڏينهن اندر وضاحت گھرائي ورتي. ان ڏس ۾ تازو آءِ بي اي ٽيسٽ پاس ڪرڻ بعد پي ايس ٽيز ۽ جي اِي ايس ٽيز طور ڀرتي ٿيل استادن جي پگھارن ۾ دير ۽ ڀرتي ٿيل استادن جي ڊگرين جي تصديق ڪرائڻ واري عمل ۾ دير جو تعليم واري وزير سردار شاھ نوٽيس ورتو. جنهن بعد لاڳاپيل ضلعي ۽ ڊويزنل اختيارين خلاف ڪارروائي شروع ڪئي وئي آهي. ڪالهه سيڪريٽري اسڪول ايجوڪيشن پاران 12 ڊي اِي اوز ۽ 5 ڊائريڪٽرن جي غفلت کي انتظامي ڪوتاهي ۽ ضابطن جي ڀڃڪڙي قرار ڏيندي کين شوڪاز جاري ڪندي ٽن ڏينهن اندر وضاحت پيش ڪرڻ ۽ دير جا سبب ٻڌائڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. ان حوالي سان ڪالهه لاڙڪاڻي جي ڊائريڪٽر پرائمري خليل مهر، سکر جي ڊائريڪٽر پرائمري اڪبر ڪلهوڙو، لاڙڪاڻي جي ڊائريڪٽر سيڪنڊري الله بخش سومرو، سکر جي ڊائريڪٽر سيڪنڊري حافظ شهاب الدين انڍڙ، شهيد بينظيرآباد جي ڊائريڪٽر سيڪنڊري رياض اڄڻ، لاڙڪاڻي جي ڊي اِي او پرائمري انيس الرحمان جلباڻي، ڪشمور جي ڊي اِي او پرائمري عبدالغفار شاهه، سکر جي ڊي اي او پرائمري آصف سولنگي، جيڪب آباد جي ڊي اي او سيڪنڊري اسماعيل ٻرڙو، ڪشمور جي ڊي اي او سيڪنڊري جهانگير بنگلاڻي، لاڙڪاڻي جي ڊي اِي او سيڪنڊري عبدالرشيد چانڊيو، شڪارپور جي ڊي اِي او سيڪنڊري سيد محمد شاھ، سانگھڙ جي ڊي اِي او سيڪنڊري غلام مصطفيٰ لغاري، نوشهروفيروز جي ڊي اِي او سيڪنڊري غلام حسين هليو، گهوٽڪي جي ڊي اِي او سيڪنڊري اسرار شاهه، سکر جي ڊي اِي او سيڪنڊري مرتضيٰ شاهه ۽ خيرپور جي ڊي اِي او سيڪنڊري انيس الرحمان ميمڻ کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪيا ويا آهن. واضح رهي ته تعليم کاتي پاران بار بار خط لکڻ باوجود ڄاڻايل ڊي اِي اوز ۽ ڊائريڪٽرن پاران استادن جي ڊگرين جي ويريفڪيشن ۽ پگھارون جاري ڪرڻ واري عمل ۾ دير ڪئي وئي آهي.