استادن جي ڀرتين ۾ ميرٽ جي لتاڙ: ويٽنگ لسٽ تبديل: 6 اميدوارن کي اڳيان آڻڻ جو انڪشاف
مَي 12, 2025
ڪراچي(رپورٽ: شاهد ميراڻي) آئي بي اي ٽيسٽ پاس استادن جي ڀرتين وارو معاملو، ڊي آر سي اختيارين گھوٽڪي ضلعي ۾ ٽيسٽ پاس ڪرڻ بعد ڀرتي لاءِ ويٽنگ تي ويٺل 6 اميدوارن تي نوازش، گھوٽڪي جي ڊي اِي او سيڪنڊري ۽ ڊي آر سي چيئرمين پاران پڌري ڪيل عارضي لسٽ ۾ 6 اميدوارن کان ڪٽ آف ڊيٽ بعد ڊگريون وٺي کين مٿين نمبر تي آڻڻ جو انڪشاف، “پنهنجي اخبار” لسٽ هٿ ڪري ورتي، ان حوالي سان مليل ڄاڻ موجب ته آئي بي اي ٽيسٽ پاس ڪرڻ بعد گھوٽڪي ضلعي ۾ پي ايس ٽيز جي ڀرتين لاءِ ويٽنگ تي ويٺل اميدوارن کي ترتيبوار ڀرتي ڪرڻ بدران ڊي آر سي اختيارين پاران ويٽنگ لسٽ تبديل ڪرڻ جو اسڪينڊل ظاهر ٿيو آهي. ان حوالي سان مليل ڄاڻ موجب ته گھوٽڪي ضلعي جي ڊي آر سي اختيارين پاران پي ايس ٽي جي ٽيسٽ پاس ڪندڙ 46 نمبر واري ويٽنگ اميدوار طارق علي پُٽ محمد عارف کان ڪٽ آف ڊيٽ کان پوءِ اي ڊِي اِي ڊگري وٺي کيس 2 اضافي مارڪون ڏئي عارضي لسٽ ۾ پهرين نمبر تي آڻيو ويو آهي، جڏهن ته پي ايس ٽي جي ويٽنگ اميدوار نظير احمد پُٽ شفيع محمد کي اي ڊِي اِي جي ڊگري جي بنياد تي 2 ضافي مارڪون ڏئي کيس 31 نمبر کان ٻئين نمبر تي آڻيو ويو آهي! پڌري ڪيل پراڻي ويٽنگ لسٽ ۾ 35 نمبر واري اميدوار شيراز احمد پُٽ عبدالقادر ملاڻو کي نئين لسٽ ۾ بي ايڊ ۽ ايم ايڊ جون ڊگيون جمع هجڻ جي بنياد تي 2 اضافي مارڪون ڏئي کيس ويٽنگ لسٽ تي ٽئين نمبر تي بيهاريو ويو آهي! اهڙي طرح محمد رمضان پُٽ فراز احمد ويٽنگ لسٽ ۾ 78 نمبر تي هجڻ کان پوءِ کيس اي ڊِي اي جون 2 اضافي مارڪون ڏئي کيس ويٽنگ لسٽ ۾ 6 نمبر تي پهچايو ويو آهي. سلمان احمد پُٽ رحمت الله ڪٽ آف ڊيٽ کان پوءِ اي ڊي اِي جي ڊگري جمع ڪرائڻ بعد 2 اضافي مارڪون کڻي ويٽنگ لسٽ ۾ 14 نمبر تي اچي ويو آهي. اهڙي طرح غلام ياسين پُٽ غلام نبي 59 نمبر کان پوءِ 9 نمبر تي اچي ويو، غلام ياسين کان ضلعي اختيارين پاران بي ايڊ جي ڊگري جمع ڪرائي هڪ نمبر حاصل ڪيو ويو آهي. واضح رهي ته ڀرتي پاليسي تحت ڪٽ آف ڊيٽ کان پوءِ ڪا به اضافي ڊگري قابلِ قبول نه هئي پر ان باوجود ڊي آر سي اختيارين پاران من پسند اميدوارن کان ٽن سالن بعد مختلف ڊگريون وٺي کين اضافي نمبر ڏئي ويٽنگ لسٽ ۾ مٿين نمبر تي آندو ويو آهي، جنهن ڪري ويٽنگ تي ويٺل ڪيترائي اميدوار متاثر ٿيا آهن.
آفر آرڊر حاصل ڪندڙ 8 هزار اميدوارن اڃا تائين جوائننگ نه ڏني
ڪراچي: سنڌ جي سمورن ضلعن ۾ پي ايس ٽيز ۽ جي اِي ايس ٽيز طور ڀرتي لاءِ آئي بي اي ٽيسٽ ڪندڙ 82 هزار اميدوارن کي هن وقت تائين آفر آرڊر جاري ٿي چُڪا آهن، جن مان هن وقت تائين پي ايس ٽيز ۽ جي اِي ايس ٽيز جي مجموعي طور تي 74 هزار جي لڳ ڀڳ اميدوارن پاران جوائننگ ڏني وئي آهي، جڏهن ته آفر آرڊر حاصل ڪندڙ 8 هزار جي لڳ ڀڳ اميدوارن پاران آفر آرڊر وٺڻ باوجود جوائننگ نه ڏني آهي. ان حوالي سان ذريعن جو چوڻ آهي ته صوبي جي سمورن ضلعن ۾ 30 جون تائين ويٽنگ تي ويٺل وڌيڪ 8 کان هزار اميدوار ڀرتي ٿي سگھندا.
استادن جي ڀرتين وارو عمل 30 جون تائين مڪمل ٿيندو
ڪراچي: سنڌ ۾ تعليم کاتي اندر پي ايس ٽيز ۽ جي اِي ايس ٽيز جي ڀرتين وارو عمل 30 جون تي مڪمل ٿي ويندو. سنڌ جي سمورن ضلعن ۾ آئي بي ٽيسٽ ذريعي پي ايس ٽيز ۽ جي اِي ايس ٽيز جي ڀرتين وارو عمل پاليسي تحت 3 سالن تائين جاري هو، پر سنڌ ڪابينا جي منظوري بعد ڀرتي واري مُدي ۾ 6 مهينن تائين جي واڌ ڪئي وئي هئي. جيڪا واڌ پڻ 30 جون تائين مڪمل ٿي ويندي. واضح رهي ته 30 جون کان پوءِ ويٽنگ تي ويٺل سمورا اميدوار ڀرتين واري ڊوڙ مان آئوٽ ٿي ويندا.