استاد بخاري جي شاعري نوجوان نسل لاءِ راهه جو ڏيئو آهي: سالگرهه تقريب

استاد بخاري جي شاعري نوجوان نسل لاءِ راهه جو ڏيئو آهي: سالگرهه تقريب

دادو (رپورٽر) سنڌ جي سدا حيات قومي عوامي شاعر استاد بخاري جي 96هين سالگرهه عقيدت ۽ احترام سان ملهائي وئي دادو ۾ سنڌ جي عظيم قومي ۽ عوامي شاعر استاد بخاري جي 96هين سالگرهه جي موقعي تي مختلف تقريبون منعقد ڪيون ويون، جن ۾ اديبن، شاعرن، فنڪارن، سياسي ۽ سماجي اڳواڻن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.سالگرهه جي شروعات شاعر احمد شاه المعروف استاد بخاري جي آخري آرامگاهه تي گل نڇاور ڪرڻ سان ڪئي وئي، جتي اديبن ۽ شاعرن پاران فاتح خواني ڪئي وئي ۽ مرحوم جي ادبي خدمتن کي ڀيٽا پيش ڪئي وئي ان کانپوءِ سيد حاڪم علي شاه آڊيٽوريم ۾ مرڪزي تقريب منعقد ڪئي وئي، جتي استاد بخاري جي سالگرهه جو ڪيڪ ڪاٽيو ويو ۽ سندس زندگي، جدوجهد ۽ شاعري تي تفصيلي روشني وڌي وئي. تقريب سنڌي ادبي سنگت جي اهتمام هيٺ ٿي، جڏهن ته استاد بخاري اڪيڊمي ۽ پاڪستان آرٽ ڪائونسل دادو پاران ڀرپور سهڪار ڪيو ويو تقريب ۾ سيد اظھر علي شاه، محمد بخش ڪورائي، تابش بخاري، سجاد يوسف سومرو،نور ڪنڀر، رشيد چارڻ، صحافي ڪامران ڪورائي،سيد هدايت علي شاه، علي گوهر سومرو سميت ڪيترن ئي نامور اديبن، شاعرن ۽ سماجي شخصيتن شرڪت ڪئي مقررن خطاب ڪندي چيو ته استاد بخاري پنهنجي سادي، اثرائتي ۽ عوامي شاعري وسيلي هارين، پورهيتن ۽ عام ماڻهن ۾ شعور، پيار، همٿ ۽ جوش پيدا ڪيو، جنهن سبب کيس “عوامي شاعر” جو لازوال لقب مليو تقريب دوران فنڪارن استاد بخاري جي شاعري ڳائي سامعين کي وجد ۾ آڻي ڇڏيو، جڏهن ته ادبي شخصيتن سندس فڪر، قومپرستي، انساني محبت ۽ جدوجهد تي تفصيلي خيالن جو اظهار ڪيو شاعرن ۽ اديبن جو چوڻ هو ته استاد بخاري جي شاعري اڄ به سنڌ جي نوجوان نسل لاءِ راهه جو ڏيئو آهي ۽ سندس فڪر هميشه زنده رهندو. تقريب جي پڄاڻي تي استاد بخاري جي لاءِ دعا ڪئي وئي ۽ سنڌي ادب سان وفاداري جو وچن ورجايو ويو.