
استاد بخاري جديد سنڌي شاعريءَ جو سرموڙ ۽ وڏو قومي عوامي شاعر آهي، جنهن پنهنجي سگهاري ڏات ۽ ڏانءُ جي آڌار تي عوام ۾ لازوال مقبوليت ۽ محبت ماڻي. استاد جو اهڙن وڏن شاعرن ۾ شمار ٿئي ٿو، جن ٻوليءَ جو تخليقي سطح تي استعمال ڪيو ۽ جديد سنڌي شاعريءَ ۾ نوان لاڙا، موڙ ۽ رخ متعارف ڪرايا. جدت ۽ ندرت جون ريکائون سنڌي شاعريءَ کي آڇيائون. انهن پنهنجي شاعراڻي آرٽ جي سگهه ۽ ٻل تي سنڌي شاعريءَ تي ڇاپ ۽ اثر ڇڏيو.
شاهه لطيف کان پوءِ استاد بخاري، شيخ اياز ۽ ڪجهه ٻيا شاعر سنڌي ٻوليءَ جا اهڙا وڏا شاعر آهن جيڪي نه صرف پنهنجي دور تي اثر انداز رهيا پر هر دور تي اثر انداز ٿيندا رهندا. انهن نه رڳو پنهنجي گوناگون مطالعي ۽ مشاهدي ذريعي نوان لفظ، اصطلاح، استعارا، تشبيهون ۽ ڪنايا تخليق ڪري سنڌي ٻوليءَ جي شاهوڪاري ۾ اضافو ڪيو پر تخيلاتي اڏام جي بلندين کي به ڇهيو. استاد بخاري ۽ شيخ اياز اهڙا وڏا شاعر آهن جن شاعري جي ڪجهه صنفن جي هيئتن ۾ ڪامياب تجربا پڻ ڪيا.
جهڙي ريت ڪلاسيڪي شاعريءَ جي صنفن دوهي ۽ سورٺي ۾ ڪامياب تجربا ڪري شاهه عنايت رضوي نصرپوري بيت ۽ وائي جي صنف کي رائج ڪيو ۽ شاهه لطيف ڀٽائي انهن صنفن جي هيئتن ۾ وسعت آندي ۽ تخيل کي عروج تي رسايو. اهڙي ريت شيخ اياز ۽ استاد بخاري پڻ شاعري جي صنفن خاص طور نظم ۽ گيت جي صنفن جي هيئتن ۾ ڪامياب تجربا ڪيا. استاد بخاري ته پنهنجي اڻ مئي ڏات جي آڌار تي نوان لوڪ گيت به متعارف ڪيا آهن.
استاد بخاري گائڪ به هو، ته موسيقار به هو. هن ڳايو به، ته وڄايو به. استاد بخاري موسيقي جي فن جي ڄاڻ ۽ شاعراڻي آرٽ کي آرٽسٽڪ ائپروچ سان ڪم آڻي گيت ۽ نظم جي هيئتن ۾ جيڪي تجربا ڪيا آهن، سو سندس ئي تخليقي مهارت جو ڪمال آهي
استاد بخاري جي ڪتابن “گيت اسان جا جيت اسان جي”، “اوتون جوتون” ۽ “زندگي زندگي” ۾ شامل گيتن ۽ نظمن جو بغور مطالعو ڪجي ٿو ته پتو پوي ٿو ته استاد بخاري جا اڪثر گيت ۽ نظم روايتي يا مقرر ڪيل گهاڙيٽي يا هيئت موجب نظر نه ايندا. انهن جي هيئتن يا گهاڙيٽن ۾ غير معمولي نوعيت جا تجربا جھلڪندي نظر ايندا. هن پوري مهارت سان گيت يا نظم جي موسيقي به بحال رکي آهي ته گيٽ يا نظم جي صنف کي هيئت جي اعتبار کان متاثر ٿيڻ يا بگڙڻ به نه ڏنو آهي. سندس اهي تجربا ان ڪري ئي قابل قبول به آهن، ته ڪامياب پڻ آهن. گيت جي هيئت ۾ ڪامياب تجربن جي سلسلي ۾ تفصيلي، تحقيقي ۽ مثالن جي سهاري تجزياتي بحث منهنجي مقالي “ گيتڪار استاد بخاري” ۾ شامل ڪيل آهي. استاد بخاري انهن صنفن ۾ تجربا ڪري انهن جي هيئتن ۾ نواڻ پيدا ڪئي ته انهن ۾ اعليٰ خيال جي گهرائي به اوتي، ته ندرت جي پڻ اوت اوت ڪئي.
استاد بخاري هونئن ته ويهين صديءَ جي وڏن شاعرن ۾ شمار ٿئي ٿو پر سندس تخيلاتي سگهه سان سرشار اعليٰ شاعري هر دور جي شاعري آهي. سندس شاعري ۾ جدت جي عنصر واري خوبي تمام گهڻي موجود آهي، تنهنڪري استاد جهڙو سدا حيات شاعر نه صرف ويهين صدي پر ايندڙ هر صدي ۽ هر دور ۾ وقت روان جو شاعر آهي. استاد بخاري جڏهن به ۽ جنهن دور ۾ به پڙهيو ۽ ٻڌو ويندو، ان دور ۽ ان دور ۾ ساهه کڻندڙ ماڻهن جي احساسن جي ترجماني ڪندڙ شاعر هوندو ۽ رهندو. ان لاءِ استاد بخاري پاڻ اظهاريو آهي:
صد فخر جو آهيان اوهان جو شاعر
ماضي جو نه وقت روان جو شاعر