استاد سومرو ڀيل قتل ڪيس ۾گهربل جوابدار عدالت مان کسڪي ويا
مَي 23, 2025
مٺي( رپورٽر ) مٺي جي عدالت وڄوٽو ٿاڻي جي حد ڳوٺ ڦوٽو ڀيل ۾ بي دردي سان قتل ڪيل نوجوان پ پ منارٽي ونگ ٿرپارڪر جي جنرل سيڪريٽري ۽ استاد سومرو ڀيل جي قتل ڪيس ۾ نامزد مک بااثر جوابدار راجا عرف بابر رند ۽ اڪرم چانڍيو جي گرفتارين کان اڳ واريون درخواستون رد ڪري ڇڏيون ۽ عدالت کين گرفتار ڪرڻ جو حڪم ڏنو، جڏهن ته جوابدار پوليس جي موجودگي باوجود عدالت مان آساني سان فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا.
هوڏانهن ايس ايس پي ٿرپارڪر عادل ميمڻ فرار ٿيل جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڊي ايس پي مٺي ماجد ڪي ڪي جي سربراهي ۾ سي آءِ اي انچارچ انسپيڪٽر مبارڪ راڄڙ ۽ ايس ايڇ او وڄوٽو مشتاق ملڪ تي مشتمل ڪميٽي جوڙي کين گرفتارين جو ٽاسڪ ڏيڻ جو لکت ۾ حڪم نامون جاري ڪيو آھي.
واضع رهي سومرو ڀيل قتل ڪيس جا 2 جوابدار وڏيرو راجا عرف بابر رند ۽ اڪرم چانڍيو هاءِ ڪورٽ مان حفاظتي ضمانت ڪرائي چڪا هئا ۽ ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ مٺي ۾ سندن پڪي ضمانت لاءِ ٻڌڻي ٿي فريادي ۽ جوابدارن جي وڪيلن جا دليل ٻڌڻ بعد عدالت قتل ڪيس جي جوابدارن جي گرفتاري کان اڳ واري ضمانت منظور نه ڪئي ۽ ضمانت رد ڪري کين گرفتار ڪرڻ جو حڪم ڏنو پر جوابدار عدالت مان کسڪي ويا ۽ مک دروازي تي وڄوٽو پوليس موجود ھجڻ باوجود آساني سان فرار ٿي ويا.
سومرو ڀيل کي هڪ هفتو کن اڳ نئونڪوٽ قلعي ڀرسان وڄوٽو ٿاڻي جي حد ۾ قتل ڪيو ويو هو