استاد عزيز جکرو قتل ڪيس: تشدد وقت ايس ايچ او موجود هو: شاهد

استاد عزيز جکرو قتل ڪيس: تشدد وقت ايس ايچ او موجود هو: شاهد

شهدادپور (ن پ ا) شهدادپور ۾ استاد عزيز جکرو قتل ڪيس ۾  3 اهلڪارن جا بيان قلمبند، ان ڏس ۾ پوليس حراست ۾ فوت ٿيل استاد عزيز جکرو قتل ڪيس ۾ ريمانڊ پورو ٿيڻ بعد ايس آءِ  گلشير چانڊيو، مختيار راجپوت ۽ الله بچايو پنهور کي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو، جتي جوابدارن مئجسٽريٽ آڏو قلم 164 جو بيان قلمبند ڪرائيندي تشدد وقت اڳوڻي ايس ايچ او غلام شبير دلواڻي سميت ٻين پوليس اهلڪار جي موجودگي ظاهر ڪئي. بيان بعد عدالت جوابدارن کي جيل موڪلڻ جو حڪم ڏنو.