| استاد پاران شاگردن کي هراسان ڪرڻ جو اعتراف، متاثرن کان معافي |
ننگرپارڪر (ن پ ا) ننگرپارڪر جي ڳوٺ تڳوسر جي گورنمينٽ بوائز هاءِ اسڪول جي جي اي ايس ٽي ٽيچر سريش ميگهواڙ طرفان شاگردن کي جنسي هراسان ڪرڻ واري معاملي جو صوبائي وزير تعليم سيد سردار علي شاهه جي نوٽيس وٺڻ بعد ڊي اي او سيڪنڊري شمس الدين راٺوڙ، ڊپٽي ڊي اي او ارجن لال، ڊي اي او پرائمري نصرالله ساهڙ ۽ تعلقه ايجوڪيشن آفيسر اشفاق سوڍو تي مشتمل جاچ ڪاميٽي گورنمينٽ بوائز هاءِ اسڪول تڳوسر پهچي الزام هيٺ آيل استاد، سندس اسڪول جي استادن ۽ ڳوٺاڻن جا لکت ۾ بيان رڪارڊ ڪيا ، ان ڏس ۾ رابطو ڪرڻ تي ٽي اي او پرائمري اشفاق سوڍو ٻڌايو ته استاد سريش ڪمار پنهنجي غلطي مڃيندي ٽيم کان معافي وٺندو رهيو، جڏهن ته ڳوٺاڻن جي ڏنل بيانن ۾ به استاد سريش ميگهواڙ ڏوهاري ثابت ٿيو آهي هن چيو ته ڳوٺاڻن بيان ڏيندي چيو ته ماضي ۾ به هو اهڙين غيراخلاقي سرگرمين ۾ ملوث رهيو آهي سندس ڪردار هميشه مشڪوڪ رهيو آهي. هن چيو ته استاد سريش ميگهواڙ جاڇ ٽيم کي مختلف بيان ڏيندو ۽ بيان بدلائيندو رهيو جڏهن ته اسڪول جي استادن جا به لکت ۾ بيان ورتا آهن. هن چيو ته جاچ ڪميٽي جي تفصيلي رپورٽ وزير تعليم کي اماڻي ويندي.