استحڪام پاڪستان پارٽي جو اڳواڻ فواد چوڌري اسلام آباد مان گرفتار
نومبر 4, 2023
استحڪام پاڪستان پارٽي جي اڳواڻ فواد چوڌري کي اسلام آباد مان گرفتار ڪيو ويو آهي
فواد چوڌري جي گهر واري حبا فواد چيو آهي ته منهنجي مڙس کي سادا ڪپڙا پهريل ماڻهن ۽ پوليس اهلڪارن گهر مان گرفتار ڪيو
حبا فواد موجب فواد چوڌري کي گرفتار ڪرڻ بعد اڻڄاتل هنڌ منتقل ڪيو ويو آهي
گذريل ڏينهن قومي اسيمبلي جي اڳوڻي اسپيڪر اسد قيصر کي به اسلام آباد مان گرفتار ڪيو ويو هو