اسلام آباد(پنهنجي ڊيسڪ)استحڪام پاڪستان پارٽي سوشل ميڊيا اسڪينڊل ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان خلاف ڪارروائي جو مطالبو ڪري ڇڏيو آهي
آءِ پي پي اڳواڻ فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته سوچيل سمجهيل سازش تحت رياست ۽ عوام ۾ ڏار وجهڻ جي ڪئي وئي، فوج کي بدنام ڪرڻ لاءِ قومي ناڻو ۽ نوجوانن جا سوشل ميڊيا اڪائونٽس استعمال ڪيا ويا
هن مطالبو ڪيو ته پي ٽي آءِ چيئرمين سوڌو ملوث سمورن ماڻهن کي انجام تي پهچائڻ لاءِ لائحه عمل جوڙيو وڃي