| استنبول ۾ اسرائيلي قونصل خاني ويجهو فائرنگ: 3 ڄڻا مارجي ويا |
استنبول (م ڊ) ترڪ ميڊيا موجب استنبول جي بيسڪتاش ضلعي ۾ اسرائيلي قونصل خاني ويجهو فائرنگ ٿي. استنبول پوليس کاتي جي هڪ بيان ۾ چيو ويو آھي تھ فائرنگ بعد سيڪورٽي فورسز جوابي ڪارروائي ڪئي جنھن ۾ ٽي شڪي ماڻهو مارجي ويا. رپورٽ موجب فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ ٻه پوليس آفيسر زخمي ٿيا. استنبول جي گورنر دائود گل موجب پلازه ۾ واقع اسرائيل قونصل خانو گذريل اڍائي سالن کان بند آهي، مارجي ويل هڪ حملي آور ۽ هڪ اهڙي تنظيم سان سلهاڙيل هو جيڪا مذهب کي استعمال ڪندي آهي.