اسحاق ڊار جو سعودي ۽ مصر جي پرڏيهي وزيرن سان رابطو

اسحاق ڊار جو سعودي ۽ مصر جي پرڏيهي وزيرن سان رابطو

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار سعودي عرب جي پرڏيهي وزير شهزادا فيصل بن فرحان سان ڳالهه ٻولهه ڪئي. جنهن دوران کيس اسلام آباد ڳالهين بابت اڳڀرائي کان آگاهه ڪيو. هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته سڀني ڌرين لاءِ جنگبندي جي واعدن جي پاسداري انتهائي اهم آهي. پاڪستان ڪردار ادا ڪندي ڳالهين ۾ سهولتڪاري فراهم ڪري رهيو آهي. هن ان عزم جو اظهار ڪيو ته سڀني سفارتي ڪوششن جي حمايت جاري رکي ويندي. خطي ۽ ان کان اڳتي امن ۽ استحڪام جي فروغ لاءِ ڳالهين جي تسلسل کي برقرار رکڻ تي پڻ زور ڏنو. ٻئي طرف  اسحاق ڊار جي مصر جي پرڏيهي وزير بدر عبدالعاطي سان ٽيليفونڪ ٻولهه ڪئي. اسحاق ڊار اسلام آباد ڳالهين ۽ پاڪستان جي سفارتي ڪوششن بابت بريفنگ ڏني. ٻنهي اڳواڻن سڀني ڌرين تي جنگبندي جي واعدن جي پاسداري تي زور ڏيندي خطي ۾ امن ۽ استحڪام لاءِ ڳالهين ۽ سفارتڪاري جاري رکڻ جي ضرورت تي تاڪيد ڪئي.