اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اسحاق ڊار خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثن وارو ريفرنس اڳتي هلندو يا نه؟ اسلام آباد جي احتساب عدالت فيصلو محفوظ ڪري ورتو
جج محمد بشير 21 آڪٽوبر تي فيصلو ٻڌائيندو، اسحاق ڊار جي وڪيل چيو ته احتساب عدالت ريفرنس بند ڪرڻ بدران اسحاق ڊار کي بري ڪيو هو
هن چيو ته جي آءِ ٽي جاچ آفيسر ڊار خلاف ڪي به ثبوت نه آندا، جيڪڏهن نيب ڪي نوان ثبوت آڻي ٿي ته وڌيڪ دليل ڏئي سگهون ٿا
نيب پراسيڪيوٽر چيو ته اسحاق ڊار خلاف ڪي به ثبوت موجود ناهن، ڪنهن عدالت پاران به وڌيڪ جاچ جا حڪم ناهن، صرف سپريم ڪورٽ جي فيصلي ۾ احتساب عدالت کي هدايت آهي ته ڪيسن کي ٻيهر کوليو وڃي