| اسحاق ڊار سان ايراني مرڪزي بينڪ جي گورنر جي ملاقات |
اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پرڏيهي وزارت جي ترجمان چيو آهي ته اسلام آباد ۾ جاري اهم سفارتي سرگرمين دوران ايران جي مرڪزي بئنڪ جي گورنر ڊاڪٽر عبدالناصر همتي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر اسحاق ڊار سان ملاقات ڪئي. اسلام آباد ٽاڪس جي موقعي تي ٿيل ملاقات ۾ ٻنهي اڳواڻن علائقي ۾ امن ۽ استحڪام جي فروغ تي زور ڏنو. ان ڳالهه تي به اتفاق ڪيو ويو ته معاشي سهڪار جي واڌ لاءِ پائيدار امن لازمي آهي. ملاقات ۾ پاڪستان ۽ ايران وچ ۾ لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۽ گڏيل ترقي لاءِ سهڪار وڌائڻ جي عزم جو به ورجاءُ ڪيو ويو۔