اسحاق ڊار سان برطانوي هاءِ ڪمشنر جي ملاقات: امن بابت ڳالهيون

اسحاق ڊار سان برطانوي هاءِ ڪمشنر جي ملاقات: امن بابت ڳالهيون

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار سان برطانوي هاءِ ڪمشنر جين ميريٽ ملاقات ڪئي، جنهن دوران علائقائي صورتحال ۽ امن بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان مطابق اسحاق ڊار خطي ۾ امن ۽ استحڪام لاءِ پاڪستان جي فعال سفارتي ڪردار کي اجاگر ڪيو ۽ پائيدار امن لاءِ سفارتڪاري کي لازمي قرار ڏنو، برطانوي سفير پاڪستان جي ڪوششن جي واکاڻ ڪئي۔