| اسحاق ڊار سان مصر جي پرڏيهي وزير جو رابطو: امن بابت ڳالهيون |
اسلام آباد(بيورو رپورٽ) نائب وزيراعظم اسحاق ڊارمصر جي پرڏيهي وزير بدر عبدالعاطي سان ٽيليفونڪ ڳالهه ٻولهه ڪئي. ٻنهي اڳواڻن خطي جي بدلجندڙ صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. پرڏيهي وزير بدر عبدالعاطي خطي ۾ امن ۽ استحڪام لاءِ پاڪستان جي ڪوششن کي ساراهيو. ڳالهين دوران پاڪستان، سعودي عرب، ترڪيه ۽ مصر جي پرڏيهي وزيرن جي علائقائي مشاورتي فورم بابت معاملا پڻ بحث هيٺ آيا. ڳالهين ۾ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل متعلق جاري معاملن ۽ وسيع تر گهڻ رخي سفارتي اڳڀرائين تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پرڏيهي وزير بدر عبدالعاطي آمريڪي تحويل ۾ ورتل جهازن تي موجود 20 ايراني ۽ 11 پاڪستاني ملاحن جي سنگاپور ذريعي انساني بنيادن تي ڪامياب وطن واپسي ۾ پاڪستان جي ڪردار کي به ساراهيو. ٻنهي ملڪن علائقائي ۽ عالمي اڳڀرائين بابت ويجهن رابطن ۽ مشاورت جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو. پرڏيهي وزير بدر عبدالعاطي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير کي ٻطرفي مشاورت لاءِ جلد مصر جي دوري جي دعوت پڻ ڏني.